سکر: شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو، احتجاجي تحريڪ جاري

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر ۾ شهيد ڪيل صحافي جان محمد مهر جي اصل قاتلن کي  4 مهينن کان وڌيڪ عرصو ٿيڻ باوجود  گرفتار نه ڪيو ويو، قاتل حڪمرانن ۽ پوليس جي خاطرين سميت عدالتي  حڪمن کان پوءِ به سوگها نه ٿيا صحافين جي احتجاجي تحريڪ جاري،

سکر يونين آف جرنلسٽ پاران شهيد صحافي جان محمد مهر جا مک قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 129ڏينهن به سکر جي صحافين احتجاجي تحريڪ جاري رکندي سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي علامتي بک هڙتال وارو سلسلو ايس يو جئي  نائب صدر خالد ٻانڀڻ جي اڳواڻي ۾ جاري رکيو ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعري بازي ڪئي وئي ان موقعي تي  سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شهزاد تاباڻي، انس گهانگهرو، آصف لوڌي، سحرش کوکر،عمر سومرو، جلال الدين ڀيو،شوڪت راهي،

 جهانزيب وسير، نادر خان، بخش علي ڦلپوٽو،بابر کوکر، صلاح الدين سميجو، يار محمد سومرو،نادر خان، مرتضي’ جوڻيجو، ناصر جعفري، شاھ ولي،،محمد علي سولنگي، عبدالغفور شيخ، جي ايم شيخ، ارشاد ڍنڍڻ، سجاد سنجراڻي،  اسلم دايو۔ انس ملڪ، عقيل احمد، نادر سنجراڻي، اصغر عباسي ۽ ٻيا موجود هئا  سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر نذير کوکر، مخدوم بلاول محمد ابراهيم کوکر ۽ ٻين يڪجهتي جو اظهار ڪندي قاتل گرفتار نه ڪرڻ جي مذمت ڪئي

ان موقعي تي صحافي اڳواڻن چيو ته  اڄ شهيد جان محمد مهر جي وڇوڙي کي 4 مهينن کان وڌيڪ جو عرصو گذري ويو آهي پر قاتلن ٻيلن ۾ بااثر ماڻهن وٽ محفوظ آهن  پوليس ۽ حڪمرانن جي خاطرين ۽ عدالت جي حڪمن کانپوءِ  به اصل قاتل آزاد آهن  اهڙي ظلم خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ طرفان شهيد جان محمد مهر جي اصل قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي وئي آهي

ان ڏس ۾ 23ڊسمبر تي سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي 6 جنوري 2024 تي سکر پريس ڪلب ۾ آل سنڌ جرنلسٽ ڪنوينشن منعقد ڪيو ويندو  جيستائين قاتلن کي زنده حالت ۾  قانون جي ڪٽهڙي ۾نه ٿو آندو وڃي.

ڊسمبر 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو