رسول آباد: ڊالر سستو، تيل سستو پر ٽرانسپورٽر جي ڪراين تي ظابطو نه آيو

Spread the love

رسول آباد ( رپورٽ: حب علي جهانگر) ڊالر سستو تيل سستو پر سنڌ نگران حڪومت ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو مھانگائي وارو راڪاس چوطرف پيو ڦري ٽرانسپورٽرن جي بدمستن سبب مزدور پورھيتن سميت ھر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقو سخت پريشان حال ضلع خيرپور جي نااھل ڊي سي جي عدم توجھ سبب عوامي ٽرانسپورٽرن توڙي ڪارگو جي ڪراين تي ڪوبه ڪنٽرول نه ٿي سگھيو۔

مھانگائي جو ماريل عوام وڌندڙ ڪراين تي روز جي بنياد تي مزڪوره ٽرانسپورٽ جي ڊرائيورن توڙي ڪنڊيڪٽرن ڪلينڊرن جي بيھوده بداخلاقين جي ور چڙھيل ٻچڙيوال مسافرن کي منزل مقصود تي پھچڻ کان اڳ ئي رستن تي ڪراين جو بھانو بڻائي کين کي گاڏين مان ھيٺ لاھي جنھگ ۾ رلائي پريشان ڪري رھيا آھن

پر ضلع خيرپور جو ڊي سي اگھور ننڊ ۾ ستل عوام ذھني مريض ٿي ويو۔ تعلقه سوڀوديرو جي سياسي سماجي مذھبي مزدور پورھيت ڌرين پاران ضلع خيرپور جي مختلف روٽن تي ھلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي اھڙي عوام دشمن ھٿرادو وڌايل ڪراين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي موجوده نگران حڪومت جي ھوندي

ھن وقت تائين اٽڪل 65 روپين تائين تيل ليٽر تي گھٽتائي ٿيڻ باوجود سنڌ سرڪار جي ڪنن تي ڪابه جوء ناھي چري ۽ نه ئي زميوار ضلع خيرپور جي نااھل ايڊمنسٽريٽري جي اکين ڪنن تان ڪاريون پٽيون توڙي پھا ڪين ھٽيا ھوڏسندي واسندي به ڪن لاٽار بڻيل

 جنھن ڊالر ۽ تيل جي اگھن ۾ لاٿ ٿيڻ تي ڪوبه قانوني ايڪشن کڻندي وڌايل ھٿرادو ڳاٽي ٽوڙ ڪراين تي ڪنٽرول ڪرائي غريب مسڪين انسانن کي ڪنھن قسم جو رليف مھيا ڪرائڻ بدران ڊي سي خيرپور جي ماتحت اي سي ايز مختيارڪارز پوليس جو ڳٺ جوڙ ڪرپشن جي بازار لڳائيندي پنھنجون اکيون بند ڪري عوام کي بدمست عوام دشمن ٽرانسپورٽرن جي ور چاڙھي ڪرپشن جون حدون پارڪري ڇڏيون آھن ۔

ھن اگھن توڙي ڊالر جي ھيٺ ڪرڻ سبب عوامي معاملي تي سنڌ حڪومت توڙي ڊي سي ايز ڪنھن به قسم جوڳا انتظام ڪري ڪراين جي واڌ تي سخت نوٽيس وٺي اھڙن عوام دشمن عناصرن ٽرانسپورٽرن مالڪان ۽ بداخلاق بدمست عوام آزار ڊرائيورن ۽ ڪلينڊرن ڪنڊيڪٽر خلاف سخت ايڪشن وٺي کين جون گاڏيون ضبط ڪري سرڪاري ڏنڊ ھڻي ڪراين تي ڪنٽرول ڪرائي انساني سماجي حقوق بحال ڪرائي انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون وڃن.

ڊسمبر 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو