ملڪ ۾ بمپر فصل لھڻ باوجود، اسان خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار ڇو آھيون: معاشي ماهر

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) سنڌ جي تعليمي ۽ معاشي ماهرن چيو آهي ته  منصوبن تي صحيح حڪمت عملي نه هجڻ سبب اڪثر منصوبا ناڪام يا وقت تي مڪمل ناھن ٿيندا،

جڏھن ته ملڪ ۾ بمپر فصل لھڻ باوجود، اسان خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار ڇو آھيون، ترقياٿي منصوبن جي ڊونرز جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ادارن ۾ احساس ذميداري ۽ لاڳاپيل عملدارن جي تربيت وقت جي ضرورت آهي،

 اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي نگراني ھيٺ ۽ سنڌ حڪومت جي منصوبابندي ۽ ترقي بابت کاتي جي سهڪار سان ”منصوبابندي، تشخيص ۽ عملدرآمد جي صلاحيت وڌائڻ“ جي عنوان تحت ٽن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،

 پنهنجي صدارتي خطاب دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، اين ايڇ اي سميت ڪيترائي ترقياتي منصوبا ڏورانھين ۽ بهتر حڪمت عملي نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگھيا آهن، جڏهن ته ڪراچي جي نيڪاسي واري نظام سميت ڪيترائي منصوبا، سطحي پي سي ون جي ۽ پائيداري جي کوٽ توڙي مستقبل جي حالتن کي درگذر ڪرڻ سبب مختلف مونجھارن جو شڪار آھي، ٻئي طرف وڌندڙ مهانگائي پڻ منصوبن تي ناڪاري اثر وڌا آھن.

هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت ۽ ڊونرز جي مالي معاونت وارن منصوبن کي بروقت مڪمل ڪري، سندن اعتماد کي بحال ڪرڻو پوندو، مک مقرر ۽ نامور ترقياتي ماهر انجنيئر نصير ميمڻ چيو ته بمپر فصل جي پيداوار باوجود ملڪ خوراڪ جي کوٽ واري احساس جو شڪار آهي، واٽر مئنيجمينٽ، ڪينال ۽ فارمرز آرگنائيزيشن جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابيون رڳو ڪتابن تائين محدود آهن،

 ان ڪري اسان کي انهن سڀني منصوبن جي نتيجن تي پڻ غور ڪرڻو پوندو، سنڌ واٽر اينڊ بئراج امپروومينٽ جي پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر انجنيئر نذير عيساڻي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت زراعت، پاڻي سميت مختلف شعبن جي ماهرن کي پروجيڪٽ جي ڊيزائن، لاڳت، خريداري جي شفافيت ۽ نتيجن جي حاصلات بابت مڪمل آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي سان اهو معاهدو مستقبل ۾ به جاري رکيو ويندو ته جيئن سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جا آفيسر بهتر طريقي سان نون منصوبن بابت ڄاڻ جي مٽا سٽا ڪري سگهن،

 ان موقعي تي فوڪل پرسن غلام مرتضيٰ سهتو، تحسين فاطمه مياڻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب دوران سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر جان محمد مري، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر،

ڊاڪٽر تنوير فاطمه ميا ڻو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٽن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ ۾ زرعي تحقيق سنڌ، زرعي توسيع سنڌ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ، سيڊا، پي سي ايم يو، آبپاشي کاتي، واٽرمينيجمينٽ، پي ايم سي سميت مختلف کاتن جا 26 آفيسر تربيت حاصل ڪري رهيا آهن.

ڊسمبر 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو