زرعي يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم ڏيڻ سان گڏ، نوان ڊگري پروگرام شروع ڪيا آھن: ڊاڪٽر فتح مري

Spread the love

ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ 240 اميدوارن پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سينٽرن جو جائزو ورتو، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تدريسي سال 2023 ۾ پوسٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي،

 پوسٽ گريجويٽ ڊگري پروگرام  ۾ صوبي سميت ملڪ جي مختلف علائقن کان 240 اميدوارن حصو وتو، جن ۾ يونيورسٽي جي مڙني فئڪلٽيز جي مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ 79، ايم ايس سي ۾ 91، ايم فل ۾ 37، ايم اي ۾ 22 ۽  ايم ايس آئي ٽي ۾ 11 اميدوارن کان ٽيسٽ ورتي وئي، جن ۾ فيميل اميدوارن جو وڏو انگ پڻ شامل ھو، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي سموري فئڪلٽين ۾ ٽيسٽ سينٽر قائم ڪيا ويا،

ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ٽيسٽ سينٽرز جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ۽ شفاف ۽ پرامن ٽيسٽ منعقد ڪرڻ تي اطمينان جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته زرعي يونيورسٽي صوبي سميت پوري ملڪ جي نوجوانن کي زراعت، لائيواسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي سميت لاڳاپيل شعبن ۾ اعليٰ تعليم ڏيڻ سان گڏ، نوان ڊگري پروگرام پڻ شروع ڪيا آھن،

جڏھن ته اداري اندر تحقيق جي ڪمن ۾ پڻ واڌارو آندو ويو آھي ته جئين سنڌ جي زراعي شعبي ۾ نوان لاڙا متعارف ڪري سگھجن ۽ گڏو گڏ زرعي پيداوار ۾ واڌاري ۽ زرعي مصنوعات ۾ اضافو آڻي، ان جي بهتر مارڪيٽنگ ڪري سگهجي،

ھن چيو ته يونيورسٽي ۾ جديد تعليمي سھولتن سان گڏ تحقيق، شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلگ ۽ روزگار جي موقعن تي به اھم ڪم سرانجام ڏنو پيو وڃي، ان موقعي تي مختلف فئڪلٽين جا ڊين ۽ ڊائريڪٽر ايڊوانس اسٽيڊيز اينڊ ريسرچ ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي ۽ ٻيا موجود ھئا.

ڊسمبر 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو