وڳڻ: شاھ لطيف اليون ڪرڪيٽ ٽيم طرفان ھڪ روزه ٽورنامينٽ ڪرائي وئي
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ شاھ لطيف اليون ڪرڪيٽ ٽيم طرفان ھڪ روزه ٽورنامينٽ ڪرائي وئي خبر موجب وڳڻ ۾ شاھ لطيف اليون طرفان ھڪ روزه ٽورنامينٽ ميچ ڪرائي وئي جنھن ۾ ٽيم اي جي ڪپتان عامر چانڊيو ۽ ٽيم بي جي ڪپتان عرفان چانڊيو جي ٽيم وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿي گذريو
جنھن ۾ ٽيم اي ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ جو آغاز ڪيو ويو محرم عل مغيري، ۽ راھب علي خاصخيلي جي شاندار ڇڪن ۽ چؤنڪن جي مدد سان ٽيم اي پاران ڏھن اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 102 رنسن جو ٽارگيٽ ٽيم بي کي ڏنو ويو
جڏھن ته ٽيم بي پاران ڏنل حدف حاصل ڪرڻ لاءِ نھن ۽ چوٽي جو زور لڳايو ويو پر سندن قسمت ساٿ نه ڏنو ۽ سندن ھڪ ٻي پٺيان وڪيٽون ڪرنديون ويون ڏھن وڪيٽن جي نقصان تي صرف 90 رنسون ٺاھي ٽيم بي ڊھير ٿي وئي،
چار ڇڪن ۽ ھڪ چونڪو ھڻڻ عيوض ٽيم اي جي پليئر محرم علي مغيري کي مين آف دي ميچ قرار ڏئي سندس کي ڪپ انعام طور ڏنو ويو،جڏھن ته ٽيم بي جي پليئر اياز حسين چانڊيو کي چار اھم وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏئي انعام ڏنو ويو، جڏھن ته ٽيم اي پاران کٽڻ جي خوشيءَ ۾ جهمريون پائي تماشائين کان خوب داد حاصل ڪيو ويو
۽ آخر ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندڙن سٽي پريس ڪلب وڳڻ جي جنرل سيڪريٽري عاجز چانڊيو، اعجاز علي مغيري ، گلزار علي چانڊيو طرفان ٻنھي ٽيمن جي پليئرن جي حوصلا افزائي ڪرڻ لاءِ سندن ۾ انعام ورهايا ويا.
ڊسمبر 18, 2023