چوٽياريون: مشھور صوفي شاعر پير اعجاز شاھ راشدي جي ياد ۾ پروگرام منعقد

Spread the love

چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) چوٽياريون ۾ مشھور صوفي شاعر پير اعجاز شاھ راشدي جي ياد ۾ پروگرام ۽ راڳ رهاڻ جي محفل منعقد ٿي سندس سجاده نشين پير سيد سجاد رسول شاھ راشدي سميت وڏي انگ ۾ معززين ۽ علائقي جي عوام شرڪت ڪئي

تفصيل موجب چوٽياريون ۾ وڏيري لياقت ڪيريو ۽ ميان سانول ڪيريو جي اڳواڻيء ۾ فقراء سنگت چوٽياريون پاران صوفي بزرگ شاعر سيد محيء الدين شاھ راشدي عرف پير اعجاز شاھ راشدي جي ياد ۾ سندس تڪيي مبارڪ تي پروگرام ۽ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي  پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ کان ڪئي وئي

جنهن جي سعادت استاد حاجي احمد دائود پوٽي کي حاصل ٿي جنهن بعد تڪيي شريف جي متولي فقير وڏيري لياقت علي ڪيريو پاران تمام آيل معزز مهمانن کي ڀليڪار چئي وئي جنهن بعد سيد اشرف شاھ فقير محب جمالي فقير سومر جمالي استاد حنيف شر سيد موعذ علي شاھ رضوان چانڊيو ڪامران چانڊيو پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو

 مقررين پير اعجاز شاھ راشدي جي زندگي تي روشني وجهندي چيو ته سائين اعجاز پنهنجي شاعري ۾ انسانيت جي خدمت نوڙت ۽ مرشدن سان محبت جو درس ڏنو آھي

 پروگرام بعد محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي جنهن دوران  فقير موٽڻ مگسي ڀڳت ڀاڳچند رضوان علي ڪامران علي چانڊيو فقير عطاء الله بالادي خادم ڪيريو لالا لقمان پٺاڻ ۽ هتان جي مقامي فنڪار پير اعجاز شاھ راشدي جي شاعري ۾ ڪلام ڳائي ٻڌندڙن کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

 تقريب ۾ مهمان خاص سجاده نشين پير سجاد رسول شاھ راشدي سيد سليم شاھ راشدي سيد اشرف شاھ راشدي فقير محب جمالي فقير سومر جمالي فقير سليم جمالي فقير يوسف راڄڙ علي اڪبر جوڻيجو  سيد اسد علي شاھ سيد مشتاق علي شاھ سيد جاويد شاھ سيد علي غلام شاھ حيات خاصخيلي وفا جانوري سيد لال خان شاھ علي گل مڱريو سيد ذوالفقار شاھ سيد شوقت شاھ سيد مراد علي شاھ فقير بادل جوڻيجو فقير غلام شاھ لغاري سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ علائقي جي عوام شرڪت ڪئي

 پروگرام دوران وڏيري لياقت ڪيريو ميان سانول ڪيريو ابراهيم ڪيريو استاد حنيف شر  سيد موعز علي شاھ لڪياري فقيرمحب ڪيريو ۽ شھر چوٽياريون جي فقراء سنگت جون محنتون ڏسڻ وٽان هيون پروگرام جي پنڊال کي رنگ برنگي لائٽن سان سجايو ويو هو جڏھن ته سموري رات ۾ وقفي وقفي سان چانهن جي سبيل سان گڏوگڏ ننگر جو به بهترين انتظام ڪيل هو.

ڊسمبر 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو