”پرڏيهي پرڏيهين کي ترسائي قومي سلامتي تي وڌيڪ سوديبازي نه ڪنداسين“

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غير دستاويزي پرڏيهين کي رهائي قومي سلامتي تي وڌيڪ سوديبازي نٿا ڪري سگهون.
انوار الحق ڪاڪڙ پرڏيهي اخبار ۾ غير قانوني پرڏيهين تي پنهنجي خاص تحرير ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ گذريل ڏهاڪن دوران تقريبن آئرلينڊ جي آبادي جي برابر پناهگير اچي چڪا آهن، اسان وڏي دل جو مظاهرو ڪندي انهن کي سنڀاليو، مهمان نوازي پاڪستان جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي.
هن چيو ته ايڏي وڏي انگ ۾ غير قانوني ماڻهن کي رهڻ جي اجازت ڏئي اسان پنهنجي قومي سلامتي تي وڌيڪ سوديبازي نٿا ڪري سگهون، اسان جو مقصد پاڪستان کي محفوظ، پرامن ۽ خوشحال بڻائڻ آهي، برطانيا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي سميت مختلف ملڪن ۾ به پناهگيرن جي حوالي سان مسئلا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان رضاڪاراڻي طور رجسٽريشن ۽ ڏيهه واپسي جا ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا، تنهن ڪري اهو چوڻ غلط آهي ته پاڪستان تڪڙ ڪئي.
نگران وزيراعظم چيو ته ڪيترائي غير قانوني ماڻهو بليڪ مارڪيٽنگ ڪندا آهن، ٽيڪس ناهن ڏيندا، آگسٽ 2021 کان گهٽ ۾ گهٽ 16 افغان شهرين پاڪستان ۾ آپگهاتي حملا ڪيا آهن، پاڪستان جڏهن به افغان حڪومت سان سيڪيورٽي مسئلن تي ڳالهايو ته انهن چيو پنهنجو گهر ٺيڪ ڪيو، اسان نيٺ فيصلو ڪري ورتو آهي ته پنهنجو گهر ٺيڪ ڪنداسين.

ڊسمبر 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو