نوشھرو فيروز شهر ڏوهارين جي ور چڙهيل، شھري پريشان

Spread the love

نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي) نوشھرو فيروز شهر مان ڏوهارين جي ور چڙهيل وچ شھر حبيب چونڪ ڀرسان ٽي جو ٽيلر جي دڪان مان رات جي پيٽ ۾ 15  لک روپيا ڪيش بوسڪي جا وڳا ۽ پيو ڪيتروئي قيمتي سامان چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا

 ۽ عام شهري غير محفوظ  خبر موجب نوشھرو فيروز ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم آهي شهر ۽ آس پاس ۾ ڏوهارين تر تپائي ڏنو آهي

روز موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فون ڦرن جو وارڌاتون معمول بڻيل آهن گذريل رات مشهور ٽي جو ٽيلر جي دوڪان مان 15 لک رپيا ڪيش بوسڪي جا وڳا ۽ ٻيو ڪيتروئي قيمتي سامان چور چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا

جڏهن ته شهر جي هر گهٽي ۽ چوراهي تي موبائيل ڦورون ۽ چاٻي چورن جا لامارا آهن پر پوليس ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري هتان جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سخت چتاء ڏيندي چيو ته اگر ڏوهن تي ضابطو نه آيو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

ڊسمبر 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو