جسقم نوابشاھ پاران سنڌ ۽ سيد جي عاشق غلام رسول جي ورسي، جي ايم سيد اسٽڊي سرڪل منعقد ڪئي وئي

Spread the love

نوابشاه ( ڊ – ر) جسقم نوابشاھ پاران سنڌ ۽ سيد جي عاشق غلام رسول عرف مستاني سنڌي جي ورسي جي ڏھاڙي تي جي ايم سيد اسٽڊي سرڪل جي ارڙهين ويھڪ ھلائي وئي. جنھن ۾ جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ ، علي رضا خاصخيلي ، گل ڏاھري ، منير ابڙو ، عرفان ابڙو ، امجد ڪونڌر ، شھيد جو ڀائيٽو حسين بخش برهماڻي ، منير برهماڻي، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ذوالفقار رستماڻي ، شاگرد اڳواڻ امجد ابڙو ۽ ٻين مخاطب ٿيندي چيو تہ جي ايم سيد اسٽڊي سرڪل سياسي سکيا

جي بھترين ذريعو آھي جتي سياسي ۽ جديد ٽيڪنالوجي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي سنڌ لاء بھترين ڪردار ادا ڪندڙ کي بنا فرق جي ياد ڪيو وڃي ٿو جيڪو بھترين عمل آھي اڄ ھڪ اھڙي امر ڪردار کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪري رھيا آھيون

 جنھن قومي سفر م پنھنجي جان جو نذرانو ڏيئي سنڌ سان وفا جو ثبوت ڏنو شھيد مستانو سنڌي سنڌ جي عاشق ۽ سنڌ جي ساڃاھ ڏيندڙ سائين جي ايم سيد کي رياست پاران گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪري سن جو باء بند ڪري ويٺو ھيو تہ اتي جن کي نگران حڪومت سنڌ جون زمينون نيلام ڪري ڏنيون آھن انھن جن جو ڪم بارڊر سنڀال آھي

 پر اھي ملڪ جي سياست تي قابض آھن انھن آمرن شھيد کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو سندس بھادري تاريخ جو بھترين مثال آھي ھن ھٿ م سنڌ جو قومي جھنڊو ھيو جنھن کي ھو سيني لڳائي سر ڏنو. اھڙا ڪردار مرڻا ناھن جن قومي ڪاز م سنڌ جي ماڻھن اتساھ ء ھمت ڏني سندس مزار سن جي ڀرسان قبي وٽ آھي اڄ ورسي جي ڏھاڙي تي شھيد کي قومي سلام پيش ڪري رھيا آھيون

 ھنن وڌيڪ چيو تہ  نوابشاھ پي ايم سي کي پندرھن سال پ پ حڪمرانن تباھ ڪيو جتي ھاڻي دوا لکي لکي ڏيڻ پرچون بہ نہ آھن مريض تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏين پيا اسپتال انتظاميا اگھور ننڊ م ستل آھي اھي ڪجھ ڪرڻ لاء تيار ناھن اھي پنھنجي ذميوارين ۽ جوابدارين کان لاتعلق بنيل آھن ھڪ ٻئي تي الزام ھڻي مريضن جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاء انھن جا مسئلا اينگھائي رھيا آھن ڊي سي ، ڪمنشر ۽ سيڪٽريري صحت جا بالا آفيسر نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھن

ڊسمبر 18, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو