پ پ جو تحريڪ انصاف سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو
پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ تحريڪ انصاف سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي گورنر هائوس ۾ خيبر پختونخواهه جي گورنر غلام علي سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ پ پ جو وفد ۽ جي يو آءِ (ف) جا اڳواڻ به موجود هئا، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان حوالي سان پ پ خيبر پختونخواهه جي جنرل سيڪريٽري ملڪ محمد سعيد ٻڌايو ته گذريل ڏينهن آصف زرداري سان پ پ جي ٽڪيٽ هولڊرن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
هوڏانهن آصف زرداري جي گورنر هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن سان ٿيندڙ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب ملاقات ۾ اڳوڻي صدر پارٽي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي واضح ڪيو ته ٻين جماعتن سان اتحاد جو فيصلو صوبائي قيادت ڪندي.
