سيوھڻ: منظور احمد سھت ۽ ٻين پاران خيرات جي دعوت بابت تقريب منعقد
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ شھر جي کوسه محله لڳ لعل حويلي سھتہ ھائوس سيوھڻ ۾ سيٺ منظور احمد سھتہ ، سڪندر علي سھتہ حاجي غلام رسول سھتہ غلام حيدر سھتہ روشن علي سھتہ جن جي طرفان پنھنجي ماء ۽ پيء جي ٻارھي جي واٽ الله خيرات جي دعوت جي موقعي تي ھڪ عظيم عاليشان جلسو منعقد ڪيو ويو ،
ھن جلسي جي صدارت سيوھڻ شھر جو سرواڻ ۽ سيوھڻ شھر جو مفتي سائين عبدالحليم جن ڪرڻ فرمائي جڏھن تہ ھن جلسي جو خصوصي خطاب سائين عاشق علي راڄپر جن ڪرڻ فرمايو ، سائين عاشق علي راڄپر ھن جلسي ۾ آيل عوام کي خطاب ڪندي چيو ته اي مسلمانو ماء ۽ پيء جي عزت ڪيو ، ماء ۽ پيء اھڙي حستي آھن، جو الله تعالی ماء جي پيرن ھيٺان جنت رکي آھي ،
خدارا ڪجھ خيال ڪيو ماء ۽ پيء جو ادب ڪيو انھن جو خيال ڪيو ، جڏھن ته اي مسلمانو الله سائين جو حڪم آھي، ته اوھان نماز قائم ڪريو، جڏھن تہ سائين ھن جلسي ۾ ماء، ۽ پيء جي عظمت بابت ڪجھ نعتون پڻ ٻڌايون ،
جڏھن تہ ھن پروگرام جي آخر ۾ دعا گھري ويئي جيڪا سائين مفتي عبدالحليم چنه جن گھرڻ فرمائي جڏھن تہ ھن پروگرام ۾ سنڌ جي مختلف شھرن کان آيل حافظن علمائن ۽ سيوھڻ تعلقي جي مختلف شھرن کان ۽ سيوھڻ شھر جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته ھن جلسي ۾ آيل سمورن مھمانن ۽ عوام کي سيٺ منظور احمد سھتہ ۽ ان جي ڀائرن طرفان ننگر پڻ ڪرايو ويو.
ڊسمبر 17, 2023