سيوهڻ: رائزنگ سن ويلفيئر آرگنائزيشن ڄامشورو پاران سگھڙ مچ ڪچھري منعقد
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ شھر ۾ سماجي تنظيم رائزنگ سن ويلفيئر آرگنائزيشن ڄامشورو جي صدر وزير علي برهماڻي ۽ سندس سموري ٽيم پاران سنڌي ثقافتي سگھڙ مچ ڪچھري ۽ صوفياڻي موسيقي راڳ رهاڻ جو شاندار پروگرام دبئي ھوٽل باء پاس روڊ سيوھڻ ۾ منعقد ڪرايو ويو، پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ۽ حمد باري تعالي سان ڪئي وئي، هن ثقافتي سگھڙ مچ ڪچھري جو مهمان خاص ناميارو ليکڪ قلم نگار سيوهڻ جو رهاڪو محمد خان ابڙو هو،
جڏهن ته ھن پروگرام ۾ پري کان ڪهي آيل مهمانن ۾ اڳوڻو ايم اين اي گل محمد جکراڻ ۽ محمد صالح عرف شمن علي راهپوٽو ميمبر ضلع ڪائونسل ڄامشورو ۽ شاعر احمد خان سولنگي، پروفيسر محمد الياس ڀٽو هو،
جڏهن ته هن شاندار محفل پروگرام ۾ صحافين وڪيلن دانشورن شاعرن سگھڙن اديبن سياسي سماجي شخصتين ۽ سيوھڻ شھر جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن تہ ھن منعقد ڪيل پروگرام کي رائزنگ سن آرگنائيزيشن ضلع ڄام شورو جي صدر خطاب ڪيو،
جڏھن تہ سگھڙن ڏور ۽ بيت پڻ ٻڌايا، ۽ محفل ۾ شامل ماڻھن سگھڙن جي خوب داد ڏنو ،جڏھن تي ڪيترن شاعرن پڻ شعر پڙھي ھن پروگرام ۾ آيل عوام کي جھومائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ ھن پروگرام کي مھمان خاص سائين محمدخان ابڙو جن پڻ خطاب ڪيو ،
ھن پروگرام کي آيل سمورن مھمانن ۽ سگھڙن شاعرن ھن محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي پروگرام ۾ ڪهي آيل ويجهي ۽ پري کان مهمانن کي رائزنگ سن آرگنائيزيشن ضلع ڄامشورو جي صدر وزير علي برھماڻي ۽ سندس پوري ٽيم پاران سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفه پڻ پيش ڪيا ، ۽ سن رائزنگ آرگنائيزيشن ضلع ڄامشورو جي پوري ٽيم پاران سڀني آيل مهمانن کي آخر ۾ لنگر پڻ ڪرايو.
ڊسمبر 17, 2023