دادو: راڌڻ شهر واسي عورت پاران پنھنجي ستن ورھين جي پٽ جي بازيابي لاءِ احتجاج
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) راڌڻ شهر واسي عورت پنھنجي ستن ورھين جي پٽ جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي دانھيندي چيو آھي ته منھنجو معصوم پٽ 7 سالا سميع الله ولد عطا الله بروھي گهر اڳيان گھٽي ۾ کيڏندي گذريل 6 ڏينھن کان گم ٿي ويو آھي. راڌڻ ٿاڻي تي به اطلاع ڪيو،وس آهر سندس ڳولا ڪئي آھي
پر اڃان تائين ڪٿان به ڪا خبر نه ملي آھي پوليس منھنجي پٽ جي ڳولھا ۾ مدد نه پئي ڪري ڪلام پاڪ جي واسطي جنهن وٽ به منهنجو پٽ آهي واپس ڪري دعائون ڏيندي رهندس.
ڊسمبر 17, 2023