امير جماعت اسلامي سکر زبير حفيظ شيخ تڪ بندي ڪيس جي حوالي سان اسلام آباد روانو ٿي ويو
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) جماعت اسلامي سکر جي امير ۽ پي ایس 24 جی امیدوار زبير حفيظ شيخ چيو آهي ته سنڌ تي سالن کان مسلط حڪمران جماعت عوام کي منهن ڏيڻ کان ڊڄن ٿا. سکر جا ماڻهو شهر جي دشمنن کي چڱي ريت سڃاڻن ٿا. اربين روپين جي بجيٽ ڪرپشن جي نذر ٿي وئي آهي، جڏهن ته انگريز دور جي انفراسٽرڪچر کي ليپا ڏئي استعمال ۾ آڻيو پيو وڃي،
شهر ۾ ڪا به خوشحالي ناهي، ترقي جون دعوائون ڪندڙ صحت سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. هاڻي سنڌ اليڪشن ڪميشن جي سهڪار سان سکر جي اليڪشن کي يرغمال بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. جماعت اسلامي اهڙين سمورين سازشن جو مقابلو ڪندي شهر کي ورهائڻ جي سازش کي ناڪام بڻائيندي.
هن چيو ته سکر جو عوام باشعور آهي ۽ شهر جي تباهي جي ذميوارن کي سڃاڻي. ايندڙ اليڪشن ۾ هو ڪرپشن مافيا کي رد ڪري شهر جي بهتر قيادت جي چونڊ ڪندا. جماعت اسلامي شهرين کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ چونڊ ڌانڌلي جي سازشن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي ۽ ان سلسلي ۾ هر قسم جي سياسي ۽ قانوني جدوجهد کي لازمي بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد روانگي کان اڳ نوجوانن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو، هو سکر جي تڪن تي ٿيل بي ضابطگين خلاف اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيندو.
ڊسمبر 17, 2023