ڏوڪري: زمين جي تڪرار تان جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،7 ڄڻا زخمي

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ زمين جي معمولي ڳالھ تان جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا ڏوڪري ۾ جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو

 جهيڙي ۾ عبدالوهاب جت، پٺاڻ جت، علي حيدر، علي نواز، طاهر، نادر ۽ اختيار زخمي ٿي پيا زخمين کي ڏوڪري اسپتال آندو ويو.

هوڏانهن زخمين عبدالوهاب جت، علي حيدر جت ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل مهيني ۾ منٺار ۽ مدد جت اسان جي گهر مان اناج ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا هئا جنهن جي اين سي ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي ۽ ايس ايڇ او وٽ ڳالهايون پڻ رکيل هيون.

هنن چيو ته منٺار جت ۽ مدد جت ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن اسان کي مختلف وقتن تي. ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيندا هئا.

هنن چيو ته منٺار، مدد، قاسم، رحيم، رياض، نديم، جميل، امجد، سونو، محمد علي، وسيم ۽ شاھ رخ ۽ ٻيا اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جي مٿان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته ڏوڪري پوليس حملي ڪندڙن جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري رهي نه ئي اسان جو ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمينداري ۽ هارپي تان مسئلو هلندڙ هو جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي. هنن چيو ته زخمين جي اين سي داخل ڪئي آهي

 ايف آءِ آر ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اچڻ کان بعد ۾ داخل ڪئي ويندي ۽ معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن منٺار جت جو چوڻ هو ته اناج چوري ڪرڻ جا الزام بي بيناد آهن اسان چوري ناهي ڪئي.

ڊسمبر 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو