مٺيا ڻي: پوليس جي ظلم خلاف ڪچي واسين پاران احتجاج، سخت نعريبازي
مٺيا ڻي (رپورٽر) پوليس جي ظلم خلاف ڪچي جي رهواسين جو احتجاج، سخت نعريبازي ڪوٽ مٺا خان پوليس خلاف احتجاج ڪندي مظاهرين چيو ته ايس ايڇ او مقرر ٿيڻ کان وٺي ڦرلٽ جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي.
مظاھرين جو چوڻ هو ته جڏهن هو ڪچي کان شهر طرف ايندا آهن ته پوليس کانئن ڀتا گهرندي آهي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن نقدي، موبائيل فون، موٽرسائيڪل ۽ گهر جو سامان پڻ ڦري ويندا آهن.
رانو خان، شاهنواز، عندل شر، ممتاز علي ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او هڪ پورهيت کان آلو به کسي ورتو، جمشيد کان موٽرسائيڪل ۽ کاڌو به کسي ورتو، جيڪو سراسر ظلم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پوليس ٿاڻي جي حدن ۾ ويهڻ بدران شهر ۾ قائم پوليس ۽ ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين جو هٿ آهي، شهري اوهان جي مدد هيٺ پنهنجو بچاءُ ڪري رهيا آهن.
راڻو خان چيو ته پوليس جي ظلم خلاف اسان عدالت ۾ به ويا آهيون، ايس ايس پي نوشهروفيروز اسان کي انصاف ڏي.
ڊسمبر 16, 2023