سکر: سردي ۾ واڌ سان گڏ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ شروع، شھري پريشان

Spread the love

سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سياري جي آمد ۽ سردي ۾ واڌ سان گڏ سوئي گيس انتظاميا پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، شهري ڪاٺين ۽ ڪوئلي تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،

جڏهن ته گيس جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب شهري سخت پريشان آهن. ايل پي جي گيس جي گهرج ۾ پڻ واڌ ٿي وئي آھي، سکر ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ، گيس پريشر ۾ گهٽتائي، بندش تي سکر جي شهرين ۽ سماجي حلقن ۾ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي

 ته سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سياري جي موسم ايندي ئي سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي سان عوام جي زندگي مفلوج پڻجي وئي آهي، صبح، شام ۽ رات جي وقت گئس جو پريشر تمام گهٽ هوندو آهي. موسم بدلجڻ سان ئي سوئي گيس کاتي پاران لوڊشيڊنگ عروج تي آهي،

شهري ۽ سماجي حلقن سکر ۾ سوئي گيس جي پريشر ۾ گهٽتائي، لوڊشيڊنگ ۽ مصنوعي بندش جو نوٽيس وٺڻ جو چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي.

ڊسمبر 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو