روهڙي: ٽرينن ۾ بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙ مسافرن خلاف ڪارروايون

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي  خان چنجڻ) مسافر ٽرينن ۾ بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙ مسافرن خلاف ڇاپا مار ڪاروائين جو سلسلو جاري، ڊي سي او سکر پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪوئيٽا کان ايندڙ ۽ ويندڙ مسافر ٽرين تي اچانڪ ڇاپو هڻي بغير ٽيڪٽ جي سفر ڪندڙ 26 مسافرن کي غيرقانوني سفر ۾ ملوث ھجڻ ڪري 28 هزار 6 رپيا ڏنڊ سميت 96 هزار 8 رپيا وصول ڪيا ويا تفصيل موجب مسافر ٽرينن ۾ بغير ٽڪيٽن جي سفر ڪندڙ مسافرن خلاف ڇاپا مار ڪاروائين جو سلسلو جاري،

 ڊي ايس ريلوي سکر عرفان الحق جي هدايتن تي ڊي سي او سکر شعيب خان پنهنجي ٽيم، ٽرين جي ايس ٽي سڪندر خان سومرو ۽ ٽيم ۾ شامل افتخار حسين ۽ سيف الله شاھ ريلوي پوليس سان گڏ روهڙي ريلوي اسٽيشن تان ڪوئيٽا کان ايندڙ ۽ ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس مسافر ٽرين ۾ روھڙي اسٽيشن کان اچانڪ سوار ٿي بغير ٽيڪٽ جي سفر ڪندڙ 26 مسافرن کي بغير ٽڪيٽ جي پڪڙي ۽ ان وقت ئي 28 هزار 6 ڏنڊ سميت 96 هزار 8 رپيا وصول ڪيا ويا

 جڏهن ته اوچتو ڇاپو هڻندڙ ٽيم ٽرين ۾ سوار ٿي بوگين ۾ مسافرن جون ٽڪيٽون چيڪ ڪري رهيون هيون، جنهن دوران مسافرن جي ٽڪيٽن کان سواءِ مسافر سخت ڇڪتاڻ ۾ پئجي ويا

۽ ڇاپي ھڻندڙ ٽيم کان بچڻ لاءِ هڪ بوگي کان ٻي بوگي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڇاپي مار ٽيم بغير ٽڪيٽ جي غيرقانوني سفر ڪندڙ سمورن مسافرن کي پڪڙي موقعي تي ئي ٽڪيٽ جا پئسا ۽ ڏنڊ به وصول ڪري ورتا،

ان حوالي سان ريجنل ڪمرشل آفيسر ريلوي سکر شعيب خان چيو ته مسافر ٽرينن ۾ بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪندڙ مسافرن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، اندروني ملڪ ۾ ھلندڙ ٽرينن ۾ سکر ڊويزن جي مختلف اسٽيشنن تان اوچتو سوار ٿي ڪري ڇاپن جو سلسلو جاري رهندو،

 جڏهن ته بغير ٽڪيٽ ٽرينن ۾ سفر ڪرائيندڙ ۾ ملوث ريلوي عملدارن خلاف به کاتي جي تحت ڪارروائي شروع ڪئي ويندي ته جيئن مسافر ٽرينن ۾ بغير ٽڪيٽن جي سفر ڪرائڻ واري عمل کي روڪڻ ممڪن ٿي سگهي.

ڊسمبر 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو