سکر:  پريا ڪماري سميت ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج

Spread the love

سکر (بيورورپورٽ) سکر ۾  معصوم نياڻي پريا ڪماري، نوجوان علي اصغر منڱريو سميت سنڌ جي مختلف مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاج 72هين ڏينهن ٿي ويا پر حڪومت ۽ ڪنهن به اداري ڪو نوٽيس نه ورتو، مغوين جي بازيابي لاءِ نعري بازي ڪندي اعلي’ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي وئي آهي

احتجاج ۾ سائره لاشاري، ذوالفقار اڄڻ، ميان خيرالدين انڍڙ ۽ٻين يڪجهتي جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

سکر جي علائقي سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم  نياڻي پريا ڪماري ۽ سکر ايوب گيٽ وٽان  اغوا ڪيل نوجوان علي اصغر منگریو، محرابپور مان اغوا ٿيل نوجوان شاگرد علي حسن ميمڻ، ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل نازيه کوسو سندس ڌيءَ ڪوثر کوسوسميت سنڌ جي سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ  اڃان تائين ڪنهن به انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ تنظيم يا سنڌ جي دانشورن، اديبن ۽ شاعرن پاران ڪو آواز ناهي اٿاريو ويو

 ڊاڪٽر نذير کوکر جي اڳواڻي ۾ پريا ڪماري رهائي ڪميٽي طرفان سکر پريس ڪلب اڳيان ڏينهن رات جاري احتجاجي ڪئمپ تي ڊاڪٽر نذير کوکر، مخدوم بلاول، زاهد منڱريو، محمد اعظم منڱريو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته 72ڏينهن  ٿي ويا پر سنڌ جي حڪمرانن ۽ سکر پوليس کي آسان جو احتجاج نظر نه ٿو

 اچي افسوس جو مقام آهي ته 10 مهينن کان ڪشمور جي عورت نازيا کوسو ڌيءَ سميت اغوا ٿيل آهي پر سنڌ پوليس ۽ رياستي ادارن کي ڪو فڪر ڪونهي فضيلا سرڪي، پريا ڪماري، نازيه کوسو ۽ علي اصغر منگريو جي اغوا ۾ ملوث ماڻهن جي خبر هوندي بازياب نه ٿيڻ هن رياست جي نظام ۽ انصاف مهيا ڪندڙ ادارن تي سواليه نشان آهي،

 اسان  راڻيپور کان مغوين جي بازيابي لاءِ  مسلسل ڏينھن رات واري جدوجهد شروع ڪئي جنهن کي 101ڏينھن مڪمل ٿيا آهن  اسان جي لاڳيتي احتجاج کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي سکر ۾ احتجاج کي 2مهينا 12ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن

 تڏهن به  مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ڪي به اپاءَ نه ٿي وٺي اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سکر جي علائقي سنگرار۾ بااثر سردار جي قيد مان معصوم نياڻي پريا ڪماري، شڪارپور جي بااثر منڱريو ذات جي فردن خاص طور، پوليس پي ڊي ايس پي ڪشمور خالد منڱريو جي قيد مان اصغر منڱريو سميت سنڌ جي اغوا ٿيل سمورن مغوين کي  بازياب ڪرايو وڃي.

ڊسمبر 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو