سيوھڻ جي ٻارڙن پاران اسڪول  ٺھرائي  ڏيڻ جا نعرا، ھٿن ۾ ڪتاب کڻي احتجاج

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي قديمي شھر ٽلٽي جي پرائمري اسڪول جي شاگردن پاران بلڊنگ جي مرمت ڪرائڻ بابت اڄ  23  ھين ڏينھن بہ معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻين جو ھٿ مٿي ڪري ھٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم رکي احتجاج جاري ،اسڪول ۾ دانھون ڪوڪون اسڪول  ٺھرائي  ڏيڻ جا نعرا جاري،

 پر تعليم کاتي ضلع ڄامشورو ۽ تعليم کاتي سيوھڻ جي انتظاميہ جي ڪن تي جونء بہ نہ چري، ٽلٽي شهر جي مين پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي وئي، شاگرد سردي دوران ٻاهر ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور،سخت ٿڌ دوران ٻارڙا کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور،گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽلٽي جي بلڊنگ 103 سال پراڻي آهي،

زبون حالي سبب روزانو بلڊنگ جا چاپڙ ڪرن ٿا ، شاگرد سڪندر علي خشڪ،استادن توڙي والدين پاران نشاندهي ڪرڻ جي باوجود بہ تعليم کاتي ضلع ڄامشورو  جا عملدار  بلڊنگ طرف ڌيان ئي نہ ڏئي رھيا آھن، شاگردن جون زندگيون داء تي لڳل، معصوم ٻارڙا خوف سبب ڪلاس روم ۾ نہ ٿا ويهن، ان جي ڪري کليل آسمان هيٺ ٻارڙا تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.

ڊسمبر 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو