روھڙي لڳ دعا ختم القرآن ۽ امتحان ۾پوزيشن ماڻيندڙ طلباء ۾ انعام تقسيم

Spread the love

روھڙي (رپورٽ:علي خان چنجڻ) روھڙي لگ ڳوٺ حاجي خان محمد ناپر ۾ مدرسہ دارالقرآن محمد يہ ۾ دعا ختم القرآن ۽ امتحان ۾پوزيشن ماڻيندڙ طلباء ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا

جنھن ۾ قرآن ۽ناظرھ قرآن مجيد مکمل ڪرڻ وارن طالبن جي آخري سبق جي دعا ٿي گذري جنھن ۾  قاري اسدالله ميمڻ بيان کندي چيو ته قرآن مجيد سان وابستگي اسان جي لاء دنيا ۽آخرت جي کاميابي آھي

۽ انھن موقعي تي مدرسہ دارالقرآن محمد يہ جي مھتمم قاري عبدالناصر مکي پنھنجي بيان چيو ت مدرسي ۾ تجويد جي قواعد ۽ضوابط جي مطابق قرآن مجيد جي تعليم ڏني ويندي آهي

الحمد للہ اسان جو ادارو پنج سالن کان ديني خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهي مدرسي ۾ تقريبن 80 طلباء کرام ديني تعليم پرائي رهيا آهن ان شاءالله انڄان وڌيڪ محنت جاري رکنداسين.

ڊسمبر 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو