فاطمه ڦرڙو، طيبه، رضوانھ وارن واقعن خلاف قدم کڻڻ گھرجن: عورت فائونڊيشن

Spread the love

ڪراچي (قاضي اعجاز ) سول سوسائٽي جي نمائندا عورتن مطالبو ڪيو آهي ته فاطمه ڦرڙو، طيبه، رضوانھ جهڙن ٻار دشمن واقعن جي وڌيڪ روڪٿام لاءِ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جي مزدوري تي بندش لڳائي انهن جاسرڪاري سطح تي انگ اکر گڏ ڪيا وڃن.

بنگلاديش حڪومت وانگر پاڪستان ۾ عورتن جي ماهواري وارن پهرين چئن تڪليف وارن ڏينهن ۾ کين موڪل ڏيڻ جو قانون ٺاهيو وڃي، مزدور ۽ صحافين جي يونين ۾ عورتن جي نمائندگي لازمي قرار ڏني وڃي، زراعت ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي مزدوري تسليم ڪرڻ سان زرعي مزدورن جي حقن ۽ يونين ٺاهڻ لاءِ الڳ قانون سازي ڪئي وڃي، اھڙا مطالباگذريل ڏھاڙي عورت فائونڊيشن طرفان عورتن ۽ مزدورن جي قانونن مطلق صحافين جي آگاهي واري منعقد ٿيل ورڪشاپ ۾ پيش ڪيا ويا.

ورڪشاپ کي خطبا ڪندي عورت فائونڊيشن جي اڳواڻ مھناز رحمان چيو ته مزدورن جي حقن ۽ سهولتن لاءِ جيڪي به ادارا ٺهيل آهن، انهن ۾ رڳو 5 يا 10 سيڪڙو مزدور رجسٽرڊ ٿيل آهن،

سوشل سيڪيورٽي واري اداري ۾مزدورن جي داخلا نادرا ڊيٽا تحت ٿيڻ گهرجي. سول سوسائٽي جي اڳوڻ فرحت پروين چيو ته گهرن ۽ گهرن کان ٻاهر 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مزدوري کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، خاندان اندر شادين، بدلي وارين شادين جي حوصله شڪني ڪئي وڃي، سپريم ڪورٽ پاران رياستي ادارن ۾ڪانٽريڪٽ تي ڀرتين تي پابندي پيل آھي، ان ڪري مستقل بنيادن تحت ڀرتيون ڪيون وڃن.

هن چيو ته انٽر نيشنل ليبر آرگنائيزيشن روسي ڪميونسٽ مزدور انقلاب کي يورپ ۾ روڪڻ لاءِ بند طور ٺاهيو ويو هو. عورت فائونڊيشن اڳواڻ ملڪه خان چيو ته ليبر انسپيڪش تي لاڳو پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ مزدور ڪارڊن کي عملي طور تي فعال بڻايو وڃي. ورڪشاپ ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي.
ڪيپشن: ڪراچي ۾ عورت فائونڊيشن پاران مقامي ھوٽل ۾ منعقد ٿيل ورڪشاپ کي سول سوسائٽي اڳواڻ خطاب ڪندي.

ڊسمبر 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو