سيوھڻ: ڀان سيدآباد ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او گل محمد سولنگي لاڏاڻو ڪري ويو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي ڀان سيدآباد ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او گل محمد سولنگي لاڏاڻو ڪري ويو، ان جي جنازي کي دادو جي ڀرسان ڳوٺ شير محمد سولنگي جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو،
ھن جي جنازي ۾ ڪيترن ماڻھن شرڪت ڪئي ،ان ۾ ڀان سيدآباد جي معزز شخصيت سائين سيد محمد شاهه سميت ٻين ڪيترن ڀان سيدآباد جي رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، اڳوڻو ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر گل محمد سولنگي ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد ڪالھ اسان کان وڇڙي ويو ،جنهن کي ڳوٺ شير محمد سولنگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،
نوجوان سياسي اڳواڻ سيد محمد شاهه ڳوٺ شير محمد سولنگي پهچي مرحوم گل محمد سولنگي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ سندس ڀائرن سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪندي مغفرت لاءِ دعا گهري،
ان موقعي تي يونين ڪائونسل شيخ جو چيئرمين سردار محمد ملوڪ سولنگي، سيد ڪوڙل شاهه، سيد روشن علي شاھ، ممتاز علي ميمڻ، وڏيرو انور علي لاکو، حاجي محمد الياس چنه ، صحافي اظھر علي ڪنڀر، مير سچل ٽالپر، مينر اوڍاڻو، محمد علي خشڪ، حاجي محمد عیسیٰ جمالي، بابڙو عرف عبدالڪريم ميمڻ، حافظ مختيار علي ٻگھيو، عمران جمالي، وليد جوکيو، پڻ سائين محمد شاھ سان گڏ ھئا.
ڊسمبر 15, 2023