دادو: بئريسٽر پير مجيب الحق جو سندس تڪ ۾ پھچڻ تي شاندار استقبال
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ اڳوڻو ايم پي اي دادو ايندڙ اليڪشن ۾ ايم پي اي جو اميدوار بئريسٽر پير مجيب الحق پنهنجي چونڊ تڪ حافظ سڪندر سولنگي جي ڳوٺ کان گذرڻ تي ڳوٺاڻن سندس جيئي ڀٽو جيئي بلاول ڀٽو زرداري جي پرجوش نعرن سان شاندار استقبال ڪيو گلاب جي گلن جي ورکا ڪئي
۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايو ويو ان موقعي تي رئيس غلام حيدر کوسو. شھمير خان چهواڻ پي آء بي چيئرمين سيد غضنفر شاهه، رئيس مدثر خان زئونر، رئيس منظور احمد کوسو، مولابخش مستوئي لالادستگير چانڊيو جان شير علي چهواڻ، علي مسعود سولنگي ماجد علي چهواڻ، محبوب سولنگي، شنڪر داس ورڪر طاهر حسين لغاري ۽ ٻيا پارٽي ورڪر سپوٽر موجود هئا.
ڊسمبر 15, 2023