سيوهڻ: ڀان سيدآباد لڳ پرائمري اسڪول ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو
سيوهڻ شريف تعلقه (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ڀان سيدآباد ويجهو پرائمري اسڪول ڳوٺ مارو خان ٽالپر ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ثقافتي ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، اسڪولي شاگرد ۽ استاد سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي اسڪول پهتا، جنهن بعد سنڌ جي ثقافت متعلق تقريرون ڪيون ويون،
جڏهن ته ٻارڙن سنڌي گيتن تي رقص ڪري ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا، ان موقعي تي ڳوٺ مارو خان ٽالپر جي معزز رئيس مير سچل خان ٽالپر، ھيڊ ماستر عبدالرحمان ٽالپر، استادن الاهي بخش ٽالپر، چنيسر خان ڏيٿو، طارق خان ڏيٿو، شاھ بيگ ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ثقافت قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي، ۽ زنده قومون پنهنجي ثقافت ڪڏھن به نه وسارينديون آهن،
اسين خوش نصيب آهيون جو 5 هزار سال قديمي تهذيب جا وارث آهيون، هنن چيو ته اسين ثقافتي ڏهاڙو ملهائي ايندڙ نسل ۾ جاڳرتا پيدا ڪريون ٿا.
ڊسمبر 12, 2023