ٺٽو: پاڪستان پيپلزپارٽي جو اهم اجلاس صدر صادق علي ميمڻ جي صدارت ھيٺ منعقد

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ٺٽي جو اهم اجلاس پ پ پ ضلعي جي صدر صادق علي ميمڻ جي صدارت ۾ سندس ٺٽي واري رھائش گاھ تي منعقد ڪيو ويو،

جنھن ۾ 27 ڊسمبر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ٿيندڙ 16 هين ورسي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ويو تہ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ ٺٽي کان وڏين گاڏين جي قافلن جي صورت ۾ ڳڙھي خدابخش لاڙڪاڻي پھچي شھيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪري شھيد راڻي جي مزار تي حاضري ڀري کيس خراج تحسين پيش ڪئي ويندي.

 اجلاس ۾ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاه شيرازي، سيد محمود عالم شاه بخاري، امتياز قريشي،  ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور، ممتاز علي چنڊ،  جانگهيرخان پالاري،  ڪنيالال ڪوهستاني،  ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سيد امتياز شاه شيرازي، عبدالخالق سومرو، غلام قادر پليجو، ڀورو سرڪي، نور حسن سرڪي، وڏيرو حيدر علي شورو، غلام حيدر خاصخيلي، احمد خان پالاري ۽ ٻين شرڪت ڪندي چيو تہ سنڌ راڻي شھيد بينظير ڀٽو جي 16 ورسي 27 ڊسمبر تي ڳڙھي خدابخش ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ملھائي پئي وڃي،

جنھن جون تياريون شروع ڪيون ويون آھن، پوري ملڪ ۽ سنڌ جيان اسان بہ ضلعي ٺٽي مان سوين گاڏين جي قافلن جي صورت ۾ ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪري شھيد راڻي کي خراج عقيدت پيش ڪنداسين،

ھنن پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي زور ڀريو تہ ھو ورسي ۾ شرڪت لاء تياريون شروع ڪن، ورسي تقريب کي پ پ پ ڇيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا.

ڊسمبر 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو