وڳڻ لڳ جعفراڻي واسي پورهيت جا جوان ڌئ ۽ پٽ هلڻ کان لاچار، مالي مدد ۽ علاج جي اپيل
وڳڻ (رپورٽ: مير عاجز) وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جو رهواسي پورهيت غلام قادر ڪنڀر جا جوان ڌئ ۽ پٽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل پورهيت سمورو ڏينهن ريڙھي هلائي ٻچا ب نٿو پالي سگهي
ٻارن جو علاج ڪٿا ڪرائي مسڪين پورهيت ڪيترن سالن کان ٻارن جو علاج ڪرائي رهيو آهي پر پراسرار بيماري م ورتل جوان ٻار غلامصطفا ۽ شاهينا خاتون ٺيڪ نه ٿي سگهيا پورهيت غلام قادر ڪنڀر جو گزريل برسات م گهر به ڪري پيو آھي
هن مسڪين جي ڪوبه واهر ڪرڻ وارو نه آھي صحافين سان ڳالهائيندي پورهيت ٻڌايو ته مسڪين آھيان ڀڳڙا کپائي ٻچن جو پيٽ به نٿو پالي سگهان
وس وارا مدد ڪن ٻارن سميت گهرواري به بيمار آھي خدارا مدد ڪئي وڃي هن اڳوڻن ايم پي ايز نادر علي مگسي ، سردار احمد خان چانڊيو، ٽائون چيئرمين سردار خليل خان وڳڻ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون مسڪين جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن پنهنجي ٻچن جو علاج ڪرائي سگهان.
ڊسمبر 11, 2023