دادو: اڳوڻو ايڊمسنٽريٽر حڪيم الحاج بشير احمد چنا لاڏاڻو ڪري ويو
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌ جي مشهور طب جي ماهر، زميندار ۽ سياسي،سماجي شخصيت اڳوڻو ايڊمسنٽريٽر حڪيم الحاج بشير احمد چنا 65 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
جنهن جو تڏو سورج آباد محلا ۾ وڇايو ويو، مرحوم حڪيم بشير چنه جي جنازي نماز دادو شهر جي قديمي قبرستان پير محمد مراد قبرستان جي عيد گاهه ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو،
مرحوم جي پٽن اڳوڻي ڪائونسلر شاهجهان چنه،پاشا چنه ۽ ٻين وارثن سان دادو شهر جي سياسي،سماجي، صحافين،وڪيلن، اديبن ۽ شهرين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي.
ڊسمبر 11, 2023