رسول آباد لڳ ھنڱورجا م چوپايو مال ۾ بيماري، اختيارين پاران ڪي به اپاء نه ورتا

Spread the love

رسول آباد ( رپوٽ:  حب علي جهانگر ) رسول آباد لڳ ھنڱورجا م چوپايو مال ۾ بيماري منهن ڪڍيو .  هڪ هفتي  اندر ڪيترائي ڇيلا ، ٻڪريون ۽ رڍون  مري ويون .  لائيو اسٽاڪ کاتي  کي ڀاڳين پاران اطلاع باوجود هن وقت تائين بيماري تي ضابطي لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا

لائيو اسٽاڪ کاتي پاران هنڱورجا ۾ چوپايو مال جي بيماري ۽  ويڪسين جي نالي تي ڪاغذن ۾ سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڏيکاري هڙپ ڪيا وڃن ٿا  پر عملي طور تي حالت اهيا آھي جو 50 کان  وڌيڪ ملازمن مان ڪو هڪ عدد به هنڱورجا ۾  ڊيوٽي ڪرڻ لاء تيار ناهي نتيجي ۾ هر 6 مهيني ڪنهن جي ڪنهن بيماري ۾ ھنڱورجا ۽ آس پاس جي غريب ماڻهن جو مال موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي

هنڱورجا جي جانورن جي اسپتالن ۾ مقرر  عملو هنڱورجا ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بجاء گهر ويٺي پگهارو کڻي رهيا آهن انهن جي نااهلي سبب  مالوندن  جو مال  مري رهيو آهي

هنڱورجا جي مالوندن  اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسان جي مال ۾ پکڙجندڙ مال جي بيماري تي ضابطي لاء ڪي اپاء ورتا وڃن ته جئين اسان وڌيڪ نقصان کان بچي سگهون . ۽ گوسڙو ملازمن خلاف سخت ڪاروائي ڪري وٽرنري عملي کي هنڱورجا جي اسپتالن ۾ ڊيوٽي تي پابند بڻايو وڃي.

ڊسمبر 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو