راڻيپور لڳ جان محمدونڊير اسڪول پاران سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
راڻيپور(رپورٽ: سعيداحمدسھتو) راڻيپورلگ جان محمدونڊير اسڪول پاران ساھ ۾ سانڍڻ جهڙي سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن سنهري تقريب ۾، شاگردن جي ولدين ۽ ڳوٺ جي معزوز ماڻھون شرڪت ڪئي اسڪولي ٻارڙن تقريون ۽ ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ جي تهذيب ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي،
اسڪول ۾ وڏي تعداد ۾ اسڪولي شاگردن، استادن، والدین، ۽ آيل مھمانن شرڪت ڪئي، شاگردن، ٽيليويزن، تقريرون ۽ سنڌي گيتن تي جهمريون ھڻي آيل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جان محمد ونڊيرايلنمنٽري اسڪول جي ھيڊماسٽر عرفان علي سھتو ، جو چوڻ هو تہ ثقافتي ڏهاڙو اسان لاءِ ھاڻي عيد کان وڌ ڏينهن بڻجي ويو آهي جيڪو ھر سال جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،
جنهن ۾ اسان جي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت اجاڳر ٿي رھي آھي، سنڌين لاءِ قومي عيد جو ڏينهن آهي، اھو ڏينهن ڀائيچاري ايڪي ٻڌي جو ثبوت پيدا ڪري ٿو، انھن آيل مهمان استادن شاگردن ۽ ٻارڙن جي والدين جا ٿورا مڃي چيو ته اسان بيحد ٿورائتو آهيون جنهن مختصر پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ اسان جو مان مٿانهون ڪري عزت ڏني آهي.
ڊسمبر 9, 2023