ڪرپشن جو خاتمو معاشري جي سخت ضرورت آهي: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ
سانگهڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ضلعي ڪائونسل هال سانگهڙ ۾ اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 1 سليم جتوئي، پرنسپل بوائز ڊگري سانگهڙ عبدالله کوسو ۽ اينٽي ڪرپشن آفيسر عمران بودلو خطاب ڪندي چيو ته ڪرپشن جو خاتمو معاشري جي سخت ضرورت آهي.
بدعنواني اسان جي سماج لاءِ وبا بڻجي چڪي آهي ۽ ان بدعنواني جي خاتمي لاءِ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي مختيارڪار سانگهڙ عبدالحمید نهڙي، صابر حسين مهر، عبدالمجيد راهمون، اشفاق سلهري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شاگردن ۽ آفيسرن کي بد عنواني سان سماج کي ٿيندڙ نقصانن کان آگاه ڪيو.
سيمينار کانپوءِ بدعنواني خلاف شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل هال کان پريس ڪلب سانگهڙ تائين ريلي ڪڍي وئي، پريس ڪلب سامهون ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو ته بدعنواني جي خاتمي لاءِ ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي
۽ جيڪڏهن سماج ۾ ڪرپشن آهي ته ان جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪرپٽ عنصرن جو خاتمو آڻي سگهجي. انهي موقعي تي ضلعي جا تمام آفيسر، اسڪول و ڪاليج جا شاگرد ۽ صحافين جو وڏو انگ موجود هيو.
ڊسمبر 9, 2023