ڏوڪري: هاير سيڪنڊري گرلس اسڪول ۾ ثقافتي ۽ سائنسي ميلو منعقد
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري هائر سيڪنڊري گرلس اسڪول ۾ ثقافتي، سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو آهي، ڏوڪري هائر سيڪنڊري گرلس انتظاميا هيڊميٽريس ميڊم تعمينہ ڪورائي، ميڊم سيده نفيسہ شاھ، ميڊم شبنم منگي، مقصود ميراڻي ٻين پاران گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ثقافتي، سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو ميلي ۾ گرلس هائر سيڪنڊري اسڪول جي شاگردياڻين پاران. ثقافتي ۽ سائنسي آرٽ پيش ڪري ڪيا ويا.
ان موقعي تي گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول جي هيڊميٽريس تعمينہ ڪورائي، سيدہ نفيسہ شاھ، شبنم منگي، بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ جي ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، اسٽنٽ ھيڊماستر عبدالغفور زهراڻي، مقصود ميراڻي ۽ شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرڪاري اسڪولن ۾ فيسٽيول منعقد ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا فيسٽيول منعقد ڪرڻ سان سرڪاري اسڪول جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري سگهجي ٿي.
هنن چيو ته سرڪاري اسڪول ۾ بجيٽ گهٽ هجڻ سبب فيسٽيول منعقد نه ٿي سگهيا هئا تعليم کاتي جي انتظاميا کي گهرجي ته فيسٽيول جي بچيت رکي اسڪول کي ڏني وڃي
ته جئين اهڙا پروگرام ٿي سگهن. هنن چيو ته سرڪاري اسڪول جا ٻار خانگي اسڪول جي ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽيلنٽ آهي ۽ بهترين آرٽ ٺاهي سٺي نموني بريفنگ ڪري سگهن ٿا. هنن چيو ته سرڪاري اسڪول ۾ نوان ايندڙ استاد ٻارن تي بهترين محنت ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي يونيورسٽي مان ڄاڻ حاصل ڪري سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تائين پهچائي رهيا آهن. جڏهن ته فيسٽيول ۾ ايندڙن مهمان کي شاگردياڻين پاران پيش ڪيل آرٽ تي بريفنگ پڻ ڏني.
ڊسمبر 9, 2023