مليرصالح محمد غريب آباد جا گٽر موت جا کوہ بڻيل، معصوم ٻارن جون حياتيون داءَ تي لڳل
ملير (ڊر ) مليرصالح محمد غريب آباد جا گٽر موت جا کوہ بڻيل ڪو بہ اڻ وڻندڙ حادثو پيش اچي سگھي ٿو ڪيترائي چڪر اسڪول جا ٻارڙا گٽر ۾ ڪري زخمي ٿيا آھن کين بروقت بچايو وہو آھي
علائقي واسي تفصيل موجب مڪاني ادارا ۽ عوامي نمائندا کليل مين ھولن تي ڍڪڻ ڏيڻ ۾ لاپراھي ڏيکاري رھيا آھن جنھن ڪري ڪافي معصوم جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن. معصوم ٻارن جون حياتيون دائو تي لڳل آھن ڪرسين تي ويٺل من پستن ۾ پورا نظر اچن ٿا. علائقو ھر قسم جي بنيادي سھولتن کان وانجهيل نظر اچي ٿو. نہ گھٽيون پڪيون ڪيون ويون آھن نہ روڊ رستا ٺاھي ڏنا ويا آھن.
علاقي جي رھواسين جو چوڻ آھي تہ سياسي پارٽين جا اڳواڻ رڳو ڪوڙن دلاسن تي ماڻھن کان ووٽ وٺيو ھليا ٿا وڃن ء چونڊجڻ کان پوء علاقي م نظر بہ نٿا اچن. علاقي ۾ سماجي ڪم ڪندڙ محمدحسين، جماعت اسلامي ملير جي رھنما محمد ابراھيم بلوچ ء ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو تہ يوسي صالح محمد جي ڳوٺن ۾ کليل مين ھول بند ڪيا وڃن ۽ علاقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي بنيادي سھولتون مھيا ڪيو وڃن.
ڊسمبر 9, 2023