سيوهڻ ۾ غير ملڪين خلاف ڪارروائي جو سلسلو تيز، 3 ٽيمون سرگرم
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايتن تي سيوھڻ پوليس جي سيوهڻ تعلقي ۾ غير ملڪين خلاف ڪارروائي جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو،
سيوهڻ پوليس جي ون فائيو جي ٽيم منظور حسين دل جيڪو ون فائيو پوليس جو انچارج آھي ،ان جي اڳواڻي ۾ تعلقي سيوھڻ جي مختلف علائقن جي لاء 3 ٽيمون پوليس جون جوڙيون ويون آهن،
جنهن ۾ پهرين سيوھڻ شھر جي آس پاس وارا علائقہ ٻيو سيوھڻ شهر ۾ پٺاڻ ڪافي ۽ ٽيون سيوھڻ شهر جا ريسٽ هائوس جن جي وزٽ ڪري سيوھڻ شھر ۾ رھيل افغاني مھاجرين ماڻھن جي جانچ ڪري، انھن خلاف قانوني قدم کڻڻ لاء اقدامات ورتا آھن، سيوھڻ تعلقي ۾ رھيل افغاني مھاجرين جيڪي غيرقانوني تعلقي سيوھڻ ۾ رھي رھيا آھن، انھن جي خلاف ڪارروائي عمل آندي ويئي آھي،
ان جي سلسلي ۾ شناخت ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آھي، جنهن ۾ 8 کان 10 مشڪوڪ ماڻھون مختلف ھنڌن تان کنيا آهن، جن ۾ پٺاڻ ڪافي وٽ نور سلام ولد گل رحيم جنهن جو تعلق تعلقو مانوند ضلعو باجوڙ سان آهي،
ان سلسلي ۾ جڏھن سنڌ پريس ڪلب سيوھڻ جي ٽيم سيوهڻ ون پوليس انچارج منظور حسين دل سان رابطو ڪيو ته ھن پنهنجي موئقف ۾ ٻڌايو ته سيوھڻ تعلقي ۾ رھندڙن غيرقانوني افغانين خلاف اسان جون ڪارروائيون جاري آھن ، 8 کان 10 مشڪوڪ ماڻھون کي پنهنجي تحويل ورتو آهي،
جن مان غير ملڪي افغاني ظاهري نه ٿي آهي، جن مان ڪن وٽ شناختي ڪارڊ به ناهين،انھن بغير شناختي ڪارڊ سان رھندڙن کي مشڪوڪ ماڻهون ڪري، انھن کي سيوهڻ ٿاڻي تي موڪليو ويو آهي، انهن کي نادرا طرفان انھن جي جانچ ڪئي ويندي، ان کان پوء سيوھڻ پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪندي.
ڊسمبر 9, 2023