سکر: سوئي سدرن گئس ڪمپني خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي گذري
سکر( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي هدايتن تي وفاقي محتسب سکر جي ريجنل هيڊ سيد محمود علي شاهه، اڄ لاڙڪاڻي ۾ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (سيپڪو) ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ سيپڪو خلاف داخل ڪيل 33 درخواستن مان 28 درخواستن تي فيصلا ڪيا ويا،
جڏهن ته 05 درخواست تي تاريخ ڏني وئي. ان کان علاوه سوئي سدرن گئس ڪمپني خلاف داخل ڪيل 72 درخواستن مان 60 درخواستون گئس جي گهٽ پريش بابت هيون.
جڏهن ته 12 درخواستون ڊڊڪشن جون هيون. جڏهن ته 72 درخواستون تي ئي فيصلو ڏنو ويو ۽ سوئي گئس جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته 15 ڏينهن اندر گئس جي گهٽ پريشر وارو معاملو حل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
وفاقي محتسب سکر ريجن جي انچارج سيد محمود علي شاھ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثرن جي شڪايتن جو جلد کان جلد ازالو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن سان به نا انصافي نه ڪئي وڃي. هن درخواست گذارن کي يقين ڏياريو ته سندن شڪايتن تي عمل ڪيو ويندو،
ٻي صورت ۾ شڪايتن تي عمل نه ڪرڻ جو ڪيس وفاقي محتسب ڏانهن موڪليو ويندو ۽ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته سيپڪو پاران سهيل احمد کهاوڙ، سوئي سدرن گئس ڪمپني جي ڊپٽي مئنيجر سعيد ڪوريجو ۽ شڪايتون ڪندڙن شرڪت ڪئي.
ڊسمبر 8, 2023