سپر اسٽار يش پنهنجي نئين فلم جو اعلان ڪري ڇڏيو
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڪي جي ايف سيريز ذريعي شهرت ماڻيندڙ سپر اسٽار يش جي نئين فلم جو اعلان ٿي ويو.
بلاڪ بسٽر ڪي جي ايف سيريز کان پوءِ اداڪار هڪ سال خاموش رهيو ۽ سندس نئين پروجيڪٽ بابت مختلف اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون.
هاڻي اداڪار انسٽاگرام تي پنهنجي نئين فلم ’TOXIC‘جو ننڍو ٽيزر شيئر ڪندي مولانا رومي جو هڪ قول لکيو ته ”جنهن کي اوهان ڳوليندا آهيو اهو اوهان ڳولي ٿو“.
