سيوھڻ: غير قانوني ايل پي جي گئس جا دوڪان کليل
سيوھڻ تعلقه (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي مختلف علائقن ۾ سرعام غير قانوني طور تي ايل پي جي گئس جا دوڪان کليل، جڏھن ته ان ايل پي جي گئس جي دوڪاندارن کي ڪنھن بہ قسم جو نه لائسنس آھي،
نه ئي ڪا پرمنٽ آھي ، سرعام شھر جي روڊ.ن تي دوڪان کولي گاڏين ۾ گئس ڀرڻ جي ڪابه شايد پرمينٽ نه آھي، جڏھن ته ھنن دوڪانن کي جيڪڏھن پرمنٽ مليل آھي به ته آبادي وارن علائقن ۾ سيوھڻ ۾ جيڪي به آيل پي جي گئس جا دوڪان کليل آھن
آھي آبادي وارن علائقن ۾ آھن ، انھن ايل پي جي گئس جي دوڪانن کي آبادي کان ٻاھر منتقل ڪيو ته جيئن ڪو جاني نقصان نه ٿي سگھي جڏھن ته سيوھڻ جي تعلقي انتظاميہ ھن وقت تائين ڪنھن بہ غيرقانوني ھلندڙ ايل پي جي گئس جي دوڪاندارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري رھي آھي،
تعلقي سيوھڻ جي انتظاميہ ڪنھن بہ غير قانوني ھلندڙ ايل پي جي گئس جي دوڪاندارن خلاف ڪوبه قدم نه کڻي رھي آھي، جڏھن ته شھرن ۾ آيل پي جي گئس جا دوڪان کولڻ نھايت خطرناڪ آھن، ڪنھن بہ وقت اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي سگھي ٿو، انھي جي ڪري چار ڏينهن اڳ تازو ئي واقعو ٿيو ، جيڪو دادو ۾ ايل پي جي گئس جي دوڪان ۾ پيل
سيلينڊر اوچتو ڦاٽا، جنهن سان گئس جي دوڪان کي باھ لڳي ويئي دوڪان تي ڪم ڪندڙ ماڻھون پڻ زخمي ٿي پيا جڏھن تہ پاسي جي دوڪانن کي به ڪافي نقصان ٿيو ، جڏهن ته ڪالھ صبح جو ڪوٽڙيء ۾ هڪ اسڪول جي ٻارڙن واري گاڏيء ۾ پڻ ايل پي جي گئس جي سلينڊر کي باھ لڳي وئي، اهڙن نقصان کان بچڻ لاء پهرين ضلع انتظاميه ڄامشورو ۽ تعلقي انتظاميه سيوھڻ کي اپاء وٺڻ گهرجن ، ضلعي انتظاميه ڄامشورو ۽ تعلقي انتظاميه سيوھڻ جي ذميواري آهي،
ته غيرقانوني طور ھلندڙ ايل پي جي گئس جي دوڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏھن ايل پي جي گئس جي دوڪانن کي کولڻ جي اجازت ضلع انتظاميه ڄامشورو ڏئي ٿي ته پوء اھي دوڪان شھري آبادي کان ٻاھر کوليا وڃن، تہ جيئن ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگھي.
ڊسمبر 8, 2023