ڀارتي وزير جو ديپيڪا لاءِ انوکو تحفو

Spread the love

ڀارتي رياست ناگالينڊ جو سياحت ۽ اعليٰ تعليم وارو وزير تيمجن ايمنا ايلونگ انٽرنيٽ تي پسنديده سياستدان آهي، هو پنهنجي مزاحيا سوشل ميڊيا پوسٽن جي حوالي سان مقبول آهي، جڏهن ته پنهنجي اباڻي رياست کي هٿي ڏيڻ ۾ به ماهر آهي.تيمجن ايمنا ايلونگ تازو بالي ووڊ اداڪارا ديپيڪا پڊوڪون جي والدين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پيش ڪيل تحفي جي تصوير شيئر ڪئي.ايمنا ايلونگ بيڊمنٽن جي ليجنڊ پرڪاش پڊوڪون ۽ سندس گهرواري اجالا سان ملاقات ڪئي، جيڪي ديپيڪا جا والدين آهن.هن ناگالينڊ جي خاص سڃاڻپ هڪ ”ڪدو“ کين تحفي ۾ ڏنو ۽ اهو ديپيڪا کي ڏيڻ جي درخواست ڪئي.ان موقعي تي ڪڍيل تصوير شيئر ڪندي ايمنا لکيو ته ديپيڪا پڊوڪون لاءِ آرگينڪ تحفو، هاڻ ئي ديپيڪا جي والدين کي سوکڙي ڏني آهي، ڇو ته ڪٿي نه ڪٿي مستاني به وڃي ويندي ته ناگالينڊ جي شاندار سبزين خاصيت آهي.

ڊسمبر 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو