سانگهڙ: ٽن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

Spread the love

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ويجهو ٽن گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.ڳوٺ نندو شر ۾ شهزاد شر، انور شر ۽ ممتاز شر جي گهرن کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج، زمين جا ڪاغذ ۽ ٻيو سامان سڙي ويو.اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي باهه تي ضابطو آندو، متاثر کليل آسمان هيٺ مدد لاءِ واجهائيندا رهيا.

ڊسمبر 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو