نوجوان راندين ۾ حصو وٺندا ته سماجي براين کان بچي سگهنداۡ نظير احمد ڀٽو

Spread the love

ملير (ڊر) ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو آھي ته نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو مقصد منفي سرگرمين کان بچائڻ آھي نوجوان راندين ۾ حصو وٺندا ته سماجي براين کان بچي سگهندا اهڙن خيالن جو اظھار هن ٽائون آفيس ۾ ابراهيم حيدري ٽائون جي مختلف  ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪپتانن کي شرٽس, ڪٽس ۽ راندين جو سامان ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو

 ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته رانديون صحتمند معاشري لاء ضروري آھن نوجوانن کي راندين ۾ حصو وٺڻ گهرجي, راندين جا ميدان آباد ٿيندا ته اوتالون ويران ٿينديون نوجوان سماجي براين ۽ مبشيات کان بچي سگهندا, پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزن تي عمل ڪندي عوام جي خدمت جو عمل جاري آهي, نوجوانن کي راندين ۾ حصو وٺرائڻ لاء اسپورٽس جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آھيون, نوجوان اسانجي ملڪ جو سرمايو آھن,

 نوجوان راندين ۾ حصو وٺي پنهنجو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن, ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون جي سمورن علائقن ۾ راندين جي ميدانن جي تعمير ۽ ترقي لاء تيزي سان ڪم هلندڙ آھن, راندين جي ميدانن کي سجائڻ سان گڏ راندين جو سامان به فراهم ڪيو پيو وڃي ته جيئن نوجوان راندين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي سگهن , ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته ابراهيم حيدري ٽائون ۾ بين الاقوامي سطح تي اسپرٽس ڪمپليڪس تعمير ڪيو ويو آھي

 جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ شاندار اسپورٽس ڪمليڪس آھي جنهن ۾ عورتن ۽ مردن لاء الڳ سان راندين جا ميدان انڊور ۽ آئوٽ ڊور گيمز , جمز, ڪرڪيٽ, ڦٽبال , ٽيبل ٽينس سميت ٻين راندين جون هڪ ئي هند سهولت فراهم ڪئي ويئي آھي جيڪو نوجوانن لاء چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو هڪ شاندار تحفو آھي, بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاء ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آھيون , عوام کي صحت, تعليم, پيئڻ جي پاڻي سميت سموريون بنيادي سهوڪتون سندن گهرن آڏو مهيا ڪيون پيون وڃن,

 ابراهيم حيدري ٽائون کي ڪراچي جو مٽالي ۽ ماڊل ٽائون بنائڻ لاء ماسٽر پلان ٺاهيو ويو آھي محدود وسيلن باوجود عوام کي هر ممڪن سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي,  نوجوانن لاء خصوصي طور تي ڪم ڪري رهيا آھيون راندين کي هٿي وٺرائڻ لاء ڦٽبال ۽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرائي رهيا آھيون , ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته ڪراچي ۾ اگر ڪنهن جماعت ڪم ڪيو آھي

 اها صرف ۽ صرف پاڪستان پپلز پارٽي ڪم ڪيو آھي, عوام اسان تي اعتماد ڪيو آھي اسان عوام جي اعتماد تي پورو لهنداسين , اسين عوام جا خادم آھيون اسانجو فرض آھي ته عوام کي سموريون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون جنهن تي عمل پيرا آھيون, ان موقعي تي ٽائون جي وائيس چيئرمين رفيق دائود جت, ميونسپل ڪمشنر تنوير آرائين, ڊائريڪٽراسپورٽس احسان الله ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود ھئا.

ڊسمبر 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو