ٺٽو: گورنمينٽ پبلڪ اسڪول مڪلي ۾ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي
ٺٽو (نظير احمد قريشي) پبلڪ اسڪول مڪلي ۾. بهترين اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪيو ويندو، تعليم سان گڏ غير نصابي سرگرمين کي به فروغ ڏنو ويندو.
گورنمينٽ پبلڪ اسڪول مڪلي ۾ رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي خاص مهمان هو ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ٺٽو نظام الدين کڏائي تقريب جي صدارت ڪئي ۽ اسڪول جي پرنسپال محترمه زينب شاهين شاگردن کي تحفا پيش ڪيا ۽ آگاهي ڏني.
ان موقعي تي مهمان خاص ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي کي اسڪول جي مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي خاص مهمان ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي چيو ته پبلڪ اسڪول مڪلي جي ٻارن ۾ بهترين صلاحيتون آهن، هو جلد ضلعي ايجوڪيشن آفيسر ٺٽو سان ملاقات ڪري اسڪول ۾ اسپورٽس فيسٽيول منعقد ڪرايو ويندو.
ان موقعي تي هن اسڪول لاءِ لوهي دروازي کان پوءِ واٽر مشين ٺاهڻ ۽ ٻارن کي سج کان بچائڻ لاءِ وڏي شيلٽر ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، سندس پهرين ڪوشش هوندي ته بند پيل اسڪول کولرايا وڃن،
اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ کي دور ڪئي وڃي. هن چيو ته اسڪول جي تعمير ۽ تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسڪول لاءِ وڏو اسپيڪر عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تقريب ۾ آيل مهمانن اسڪول ۾ ٻوٽا پوکيا .
ڊسمبر 5, 2023