کپروشھر ھر قسم جي منشيات جو ڳڙ بڻيل، انتظاميا خاموش تماشائي
کپرو تعلقه (رپوٽ: محمد قبول درس ) کپرو شھر ھر قسم جي منشيات جو ڳڙ بڻجي ويو انتظاميہ خاموش تماشائي بڻيل نوجوان نسل مڪمل تباھي جي ڪناري تي
ھونئن تہ باقي سنڌ جيئان پورو ضلعو سانڱھڙ منشيات جو ڳڙ بڻيل تعلقو کپرو سر روڊ سميت آس پاس جي علائقن ۾ منشيات ھڪ عام وکر وانگر بلا ڪنھن خوف جي ننڊن وڏن اسٽاپن تي موجود حاليہ صورتحال مطابق خالي کپرو شھر تي نظر وڌي وڃي تہ ھوش ربا صورتحال نظر ايندي ھڪ اندازي مطابق کپرو سٽي ۽ اس پاس ڇوٽو پاڙو کان ڪچي شراب جون بٺيون موجود ھر ھڪ بٺي تي تقريبن پنجاھ ليٽر شراب وڪرو ٿئي ٿو
پنجاھ لٽر کي پندرنھن سان ضرب ڪرڻ سان ساڊا ست سئو ليٽر بڻجن ٿا ان کي بہ اڌ ۾ تقسيم ڪرڻ سان ٽي سئو ساڊا ٽي سئو ليٽر خالي ڪچو شراب وڪرو ٿئي ٿو في ليٽر کي ھڪ سئو پنجاھ سان ضرب ڪرڻ سان خبر پوندي ڪيترا پئسا خالي ڪچي شراب ۾ استعمال ٿين ٿا ھر ھڪ بٺي تي انتظاميہ طرفان پنج کان ڇھ ھزار رپيہ منٿلي مقرر ڪيل آھي هنن ڊلرن جانالا هئي آهن
معشوق جٽ 2مان جٽ 3ماني عرف عبدالرحيم 4 اسدزنگيجو 5عبدالله زنگيجو 6قادربخش زنگيجو 7عبدالله ررانگڙ8جاويدڪنبر 9رشيد خاصخيلي 10محمد علي زنگيجوجيڪا پابندي سان وصول ڪئي وڃي ٿي ھاڻ اچون ٿا چرس ۽ آفيم ڏانھن ھڪ اندازي مطابق کپرو ۾ چرس ۽ آفيم جو روزانہ جي بنياد تي ٻہ کان اڊائي لک روپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو
جيڪو مختلف جڳھن تي مختلف طريقن سان وڪرو ڪيو وڃي ٿو خالي ھڪڙي ڊيلر کان انتظاميہ پنجاھ ھزار روپيہ منٿلي جي مد ۾ وصول ڪري ٿي جيڪا ھر ڏھين ڏينھن پابندي سان وصول ڪئي وڃي ٿي گٽڪو ھر ٻي ڏينھن فل لوڊر رڪشہ ۾ سامارو جي فيڪٽري کان اچي ٿو تقريبن ھزارا ٿيليون ھجن ٿيون
ڊيلي ويجز جي بنياد تي کپرو ۽ اس پاس ھڪ لک روپيہ جي سپلائي ٿئي ٿي گٽڪا فروش بہ پنجوھ کان ٽيھ ھزار روپيہ ھفتيوار منٿلي ڏيڻ جا پابند آھن ان کان علاوہ انڊين پڙين سفينا آداب جي انڊي جي بہ ڀرمار لڳي پئي آھي جيڪا ھر ھڪ ڪيبن تي سري عام دستياب ھجي ٿي ھر ھڪ ڪيبن سان بہ انتظاميہ جي ڊيل ٿيل آھي
ھر ھڪ ڪيبن واري کان ھڪ ھزار روپيہ ھفتو وصول ڪيو وڃي ٿو مختلف منشيات فروشن کي سياسي آشيرواد حاصل ھجڻ جي ڪري بہ انتظاميہ بيوس بڻيل اسان ايس ايس پي صاحب سانڱھڙ ڊي آئي جي شيھڌ بنظيرآباد نوانشاھ صاحب آئي سنڌ ڪراچي چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا خدارا منشيات تي ضابطو آڻي ملوث منشيات فروشن عملدارن بيورو ڪريٽن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري ايندڙ نسلن کي منشيات جي لعنت کان بچايو وڃي.
ڊسمبر 4, 2023