مخالف ڌر ووٽ بينڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي: فقير عنايت الله ٻرڙو
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) نئين تڪبندين تي تحفظات جي حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ ف۔ ايم ڪيو ايم پاڪستان، جي يو آءِ ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي اڳواڻن مولانا محمد صالح انڍهڙ، ديوان چند چاولا، ايڊووڪيٽ سراج احمد خان جي ڊي اي جي فقير عنايت الله ٻرڙو ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سکر ضلعي جي نئين تڪبندين ۾ ڌرھجڻ جو مظاهرو ڪندي پ پ جي چوڻ تي تڪ بنديون ڪري مخالف ڌر جي پارٽين جي ووٽ بينڪ کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جنهن خلاف عدالت ۾ وڃڻ سان گڏ عوامي رد عمل به ظاهر ڪيو ويندو
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي شهري ووٽ بئنڪ پي ايس 25 کي ٻهراڙيءَ ۾ ورهايو ويو آهي، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو اڌ شهري ووٽ پي ايس 24 جي ڳوٺاڻي علائقي ۾ ضم ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان به عدالت سان رجوع ڪندا. اليڪشن ڪميشن ٻين سياسي پارٽين جي اعتراضن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جو ميمبر نثار دراني جيڪو پ پ سان ويجهڙائپ هجڻ سبب تڪبنيون ڪندڙ ميمبرن تي اثر انداز ٿي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو پيو هڻي جنهن کي هٽايو وڃي۔
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا سنڌ ۾ مقرر ڪيل سمورن آفيسرن کي صوبو بدر ڪري پنجاب مان سنڌ ۾ آفيسر مقرر ڪيا وڃن جيڪي نئين سر تڪ بنديون ڪن اڳواڻن چيو ته پ پ اليڪشن کان ڊنل آھي جنهن ڪري ڌانڌلين جي شرووعات نئين تڪ بندن کان پئي ڪري، اڳواڻن اعلان ڪيو ته عام چونڊن ۾ به پ پ سامھون مضبوط اتحاد جي صورت ۾ اليڪشن وڙهنداسين۔
ڊسمبر 4, 2023