ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ ويسٽ انڊيز اڳوڻي چيمپيئن انگلينڊ کي مات ڏئي ڇڏي

Spread the love

انٽيگا (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز انگلينڊ کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز هڪ ٻڙي جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
انگلينڊ ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ ويسٽ انڊيز جي دوري جي به شڪست سان شروعات ڪئي ۽ ميزبان ٽيم پهرين ون ڊي ۾ 4 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
انٽيگا جي سر ويوين رچرڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ مهمان انگلش ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 325 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
انگلينڊ طرفان هيري بروڪ 71 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، زيڪ ڪرالي 48 ۽ فل سالٽ 45 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
ويسٽ انڊيز جي اوشن ٿامس، روماريو ۽ گڊاڪيش موتي 2-2، جڏهن ته الزاري جوزف ۽ يانڪ هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
جواب ۾ ويسٽ انڊين اوپنرن ٽيم کي 104 رنسن جي شاندار شروعات فراهم ڪئي پر ايلڪ اٿانزي 66 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ويسٽ انڊين ڪپتان شاءِ هوپ ڪيپٽن اننگز کيڏندي سينچري اسڪور هئي، هن 83 بالن تي 109 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.
ميزبان ٽيم گهربل هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 7 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو، شاءِ هوپ کي پليئر آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.
سيريز جي ٻي ميچ 6 ۽ آخري ميچ 9 ڊسمبر تي کيڏي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن ۾ 5 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏي ويندي.

ڊسمبر 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو