ٺري ميرواھ لڳ روشني پبلڪ اسڪول ۾ ثقافتي پروگرام منعقد

Spread the love

ٺري ميرواھ تعلقه (رپورٽ:  ذيشان علي لنڊ بلوچ) ٺري ميرواھ لڳ سيٺارجا ڀرسان روشني پبلڪ اسڪول ڳوٺ ميوو خان شيخ پاران  ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي حوالي سان الرحمان شادي حال تي رنگارنگ ثقافتي پروگرام ڪوٺايو ويو ،

پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي ويس وڳا پائي قومي گيتن تي رقص، شاگردن پاران شاندار ٽيبلوز ۽ تقريرون پيش ڪري کوڙ ساري داد وصول ڪئي ، تقريري مقابلن ۽ شاندار ٽيبلوز پيش ڪرڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا ، ثقافتي پروگرام ۾ مختلف اسڪولن جي استادن ، تعليمي ماهر ، شاگردن ، والدين سياسي سماجي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، 

اسسٽنٽ ڊي او ايجوڪيشن خيرپور ظهور احمد جاگيراڻي ، وائس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا محمد صادق لُنڊ ، اڳوڻي چيئرمين حاجي سبحان ڪٻر ، پرنسيپال عاشق حسين اسلامي ، استاد عاشق حسين سهتو ، رياض دستي ، الھنواز دستي ، پرويز ٻانڀڻ ، شاهد ڪٻر ،استاد ارشد جاگيراڻي  ، معشوق ڪورائي  ۽ ٻين پاران چيو ويو تہ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ جو هي ڀرپور موقعو آهي

۽ سنڌي قوم ۾ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿي ويو آهي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ سنڌ دنيا جو هڪ عظيم خطو آهي ۽ سنڌي دنيا جي عظيم ۽ هزارين سال پراڻي ثقافت رکندڙ قوم آهي اسانجي تهذيب ٻولي  ثقافت کي اجاڳر ڪرائڻ لاءِ ثقافتي ڏهاڙو بهترين موقعو آهي تہ اسين دنيا کي پيغام ڏئي سگهون تہ اسين هڪ عظيم ۽ هزارين سال پراڻي ثقافت رکندڙ قوم آهيون

 اسين هن ثقافتي ڏهاڙي تي متحد ٿي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ پنهنجي ٻارڙن کي معياري تعليم ۽ تربيت ڏئي وڌيڪ ترقي يافتا قوم بڻجي سگهون ٿا ان موقعي تي اڳواڻن پاران روشني پبلڪ اسڪول جي پرنسيپال عاشق حسين اسلامي ، استاد ارشد جاگيراڻي ۽ سموري ٽيم کي شاندار پروگرام ڪوٺائڻ تي جس پيش ڪئي ۽ ٻارڙن ۾ جوش ۽ جذبو ڏسي ۽ تعليمي ۽ ثقافتي حوالي سان ڀرپور جاڳرتا ۽ شاندار ٽيبلوز پيش ڪرڻ تي سندن محنت کي ساراهيو ويو

اڳواڻن جو چوڻ هو تہ عاشق اسلامي ۽ سندس ٽيم ٻهراڙي جي ڏتڙيل علائقي ۾ اٻوجھ ۽ غريبن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ اسڪول قائم ڪري انڌيري ۾ هڪ روشن ڏيئو ٻاريو جنهن جو ثمر اڄ علائقي واسين کي ملي رهيو آهي جو انهن جا ٻار بهتر معياري تعليم حاصل ڪري اڳتي وڌي رهيا آهن روشني پبلڪ اسڪول جي انتظاميان اسڪول جي نالي جيان ٻارڙن جي مستقل کي روشن ڪرائڻ لاءِ متحرڪ آهي جنهن تي کين سلام پيش ڪجي ٿو.

ڊسمبر 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو