پاڪستان قائم ٿيڻ لاءِ سنڌ صوبي جو ڪردار ناقابل فراموش آهي: سردار محمد علي خان
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) سماجي ۽ سياسي اڳواڻ سردار محمد علي خان هڪڙو پاران صوبي جي عوام کي سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان جي صوبي جي تاريخ ۽ ثقافت صديون پراڻي آهي،
جنهن ۾ عاجزي، امن ۽ ڀائيچاري جون خاصيتون آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، جن هميشه ڀائيچاري جو درس ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي باب اسلام هجڻ جو به اعزاز حاصل آهي.
سردار محمد علي خان هڪڙو چيو ته سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي صوبي جي سڃاڻپ ۽ شان آهن، پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ صوبي جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، هن وڌيڪ چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ سان صوبي جي تهذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي آھي.
ڊسمبر 2, 2023