سکر: پنوعاقل ۾ بائجي ٿاڻي جي حد مان 2 ڄڻا اغوا، وارث پريشان
سکر( رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ته پنوعاقل ۾ بائجي ٿاڻي جي حد مان 2 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو،
اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون جي اڳواڻي ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪري کين کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، اغوا ٿيندڙن ۾ احمد ۽ مسعود ڪلوڙ شامل هئا، ايس ايس پي سکر عرفان سمون اطلاع ملندي ئي کين فوري بازياب ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا هئا،
جنهن تي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اغوا ڪار جوابدار يرغمال ڪيل ٻنهي مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ مغوين کي بازياب ڪرائڻ پوليس جي وڏي ڪاميابي آهي،
پوليس جي بروقت ڪارروائي ۽ بهتر حڪمت عملي جي ڪري يرغمالين کي جلد بازياب ڪرايو ويو آهي، هٿيار بند ڏوھاري مغوين کي بائجي کان گدپور واري علائقي ڏانهن منتقل ڪري رهيا هئا ته پوليس ۽ اغوا ڪارن وچ ۾ دوبدو مقابلو ٿي پيو.
ڊسمبر 2, 2023