رسول آباد ۾ شھرين کي مھانگائي واري ڀوت کان نجات ڏياري وڃي: شھرين جو مطالبو
رسول آباد ( رپورٽ: حب علي جهانگر ) رسول آباد ضلع خيرپور اندر ڊي سي ۔ اي سي ۔ مختيارڪاري ڪلچر ڪرپٽ بليڪ مارڪٽنگ فافيائون سان سان ڳٺ جوڙڪندي غريب مسڪينن جا کنڌا کڻي ڇڏيا
مھانگائي جي بي رحم چڪيء ۾ پيسجي پيو انسانيت تڙپي پئي سنڌ سموري سورن منجھ ڪرپٽ آفيسرشاھي توڙي ذرعي ڊيلر ۽ روزمره جو ڪاروبارڪندڙ منافي خور مافيا ڏينھون ڏينھن پنھنجو ھٿرادو مھانگائي وارو ڄار وڇائيندي پوري سنڌ اندر غريب مسڪين شھرين ڳوٺاڻن ھارين مزدورن آبادگارن جا لاھ ڪڍي ڪرپشن جا تاج پائي ڇڏيا ڪوبه والي رياست جو اعلي اختياري ادارو اھڙين عوام دشمنن مافيائون خلاف قانوني ايڪشن کئڻ لاء تيار ناھي ۔
اھڙي طرح سنڌ سميت ضلع خيرپور جي ڊي سي توڙي اي سي ايز مختيارڪارن جي بي حسي سبب ڪرپشن مافيا پنھنجي من پسندي جو مظاھرو ڪندي روزمره جي شين جااگھ ۽ ذرعي ڀاڻ ٻج ڪلر دوائون جا اگھ ڳاٽي ٽوڙ ھٿرداو مھانگا ڪري بک بدحالي بي روزگاري جو شڪار ٿيل مسڪين انسان سندن جي مھانگائي واري مڏي کاتي ھيٺان ايندي اھڙين مافيائون توڙي ضلع خيرپور جي نااھل ڪرپٽ ترين ڊي سي ۔ اي سي تعلقه سوڀوديرو مختيارڪار سوڀوديرو سميت فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي کي جھوليون کڻي کين کي پٽون ۽ پارائتا ڏيندي ھتان جي متاثرين مظلوم مسڪين انسانن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ضلع خيرپور جو ڊي سي ۽ اي سي مختيارڪار سوڀوديرو نااھل آھن
جن پنھنجي ڪرپشن عيوض عوام دشمن ڪاروباري بليڪ مارڪيٽنگ مافيا سان ڳٺ جوڙڪري ھٿرادو مھانگائي جا رستا فراھم ڪري غريب عوام جي جسم تان مڏي ڪاتيء سان کل لھرائيندي پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ مشغول عمل آھن
مزڪووره ڊي سي ڪڏھن به ڪنھن شھر ۾ عوامي مسئلن بابت ڪابه عوامي کلي ڪچھري يا ڪنھن ننڍي وڏي شھرجي وزٽ ڪري عوام جا ڏک سور ٻڌي ڪوبه قانوني ايڪشن کنيو ھجي ايتري قدر جو سندس جا ھيٺيان عملدار اي سي مختيارڪار عوام کي رليف مھياڪرائڻ بدران ڊي سي توڙي پنھنجن وڏن پٽن کي رليف پيا ڏيارين ۔ عوام مھانگائي جي چڪيء پيسجي رھيوآھي مزڪوره عملدارمسڪينن جي تڙپڻ تي خاموشي جا مھرا بڻجي انسانيت جي مزاڪ اڏائي رھياآھن ۔
مارڪيٽ اندر عملدارن جي ڪابه سرڪاري رٽ نظر نٿي اچي ڪوبه چيڪ اينڊ بيلنس نڪو مارڪيٽ اندر ريٽ لسٽ دستياب آھن انھن جو اھوعمل ته صرف منٿليون ڏيو جيئن وڻيوي وڃي آزادانه ڪاروبار ڪيو اھڙي ضلع انتظاميان جي ھٺ ڌرمي تي اعلي اختيارين جو ڌيان ھن اھم انساني سماجي مسئلن ڏانھن ڇڪائيندي پرزور گھر ڪجي ٿي ته خدارا انسانيت جو ڀرم رکندي قانون کي فالوڪندي ايڪشن کڻي عوام کي مھانگائي واري ڀوت کان بچائيندي کين کي سستو رليف مھيا ڪرائي انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيووڃن.
ڊسمبر 2, 2023