ايڪسائيز کاتي سکر جو وهيڪل ڊپارٽمينٽ ايجنٽ حوالي، گاڏين جا مالڪ پريشان

Spread the love

سکر(رپورٽر) ايڪسائيز کاتي سکر جو وهيڪل ڊپارٽمينٽ ايجنٽ حوالي، شهري گاڏين جا ڪاغذ ٺهرائڻ لاءِ پريشان تفصيل موجب ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ سکر ۾ موٽروهيڪل ڊپارٽمينٽ طرفان پنهنجا من پسند ايجنٽ ميدان ۾ آڻي ڇڏيا آهن جنهن ڪري شهرين کي گاڏين جا ڪاغذ ٺهرائڻ ۾ سخت مشڪلاتن جون منهن ڏسڻو پوي ٿو

 باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته سکر ايڪسائيز کاتي جي موٽروهيڪل ڊپارٽمينٽ پاران من پسند ڪمائو پٽ ايجنٽن طور مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي گاڏين جا ڪاغذ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ ماڻهن کان گورنمينٽ جي جاري ڪيل اگهن کان ٻيڻا ۽ ٽيڻا اگهه وصول ڪري رهيا آهن ۽ عام ماڻهن کي مختلف حربا استعمال ڪندي پريشان ڪيو پيو وڃي

جڏهن ته ان حوالي سان سکر جي سماجي، مذهبي تنظيمن سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ايڪسائيز کاتي سکر جو موٽروهيڪل ڊپارٽمينٽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ بدران انهن جي مشڪلاتن ۾ واڌارو آڻي رهيو آهي انهن جو واحد سبب پنهنجي ايجنٽن ذريعي عوام کي پريشان ڪري انهن مان گاڏين جا ڪاغذ ٺهرائڻ جي مد ۾ ٻيڻي ۽ ٽيڻي رقم وصول ڪرڻ آهي هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير سميت ٻين واسطيدار ادارن کان مطالبو ڪيو آهي

 ته سکر ايڪسائيز کاتي جي موٽروهيڪل ڊپارٽمينٽ جي ريڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرائي وڃي ته وڏي پيماني تي انڪشاف سامهون اچڻ جو انديشو آهي.

نومبر 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو