ڏوڪري: گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ آرٽ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو
ڏوڪري (رپورٽر) “تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏوڪري تعلقي جي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ آرٽ سائنسي فيسٽيول منعقد، 20 کان وڌيڪ ميل فيميل پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت، سائنسي، جاگرافي، ثقافتي سميت مختلف موضوعن تي آرٽ پيش ڪيا ويا،
افتتاح ڏوڪري ۾ تعلقہ ايجوڪيشن ميل آفيسر زوار ارشاد احمد ٻگهيو، ٽي اي او فيميل قلندر بخش سوهو، افروز ميراڻي پاران مين پرائمري اسڪول ۾ آرٽ سائنسي فيسٽيول ڪرايو ويو، فيسٽيول جو افتتاح تعليم کاتي جي ضلعي آفيسر انيس الرحمن جلباڻي، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري انور حسين خاصخيلي، تعلقہ ايجوڪيشن ميل آفيسر ارشاد ٻگهيو، تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري فيميل قلندر بخش سوهو، افروز ميراڻي، ھيڊماستر غلام علي منگي، صحافي فدا حسين ابڙو، علي اصغر ميمڻ، سماجي اڳواڻ علي رضا جلباڻي ۽ ٻين پاران ڪيو ويو.
جڏهن ته گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، حاجي مشوري، لعل بخش شيخ، عالماڻي، گابر مسڻ، وڏي وهڻي، چنا محلا، ملان ساريہ، تقي شاھ باڊھ، ڦلپوٽا محلا باڊھ، دريا خان مڱريو،
حاجي عبدالڪريم انڙ، بگي، ٻنڌي سميت 20 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين توڙي استادن مشتاق احمد جوڻيجو، نياز حسين ٻگهيو، مقصود منگي، زاهد ڪٽپر، نياز حسين راڄپر، مقيم جوڻيجو، علي رضا جلباڻي، سارنگ خاصخيلي، ذاڪر حسين پٺاڻ، زاهد منگي، محمد يوسف چنو، محمد بخش چنو، ميڊم بينظير ميراڻي، محمد قاسم سوهو، سهيل خاصخيلي، صحافي قاضي فريد، اطهر ميمڻ، وحيد رمضان جوڻيجو، علي شير قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
فيسٽيول ميلي ۾ شاگردن پاران ثقافتي، موحولياتي سميت مختلف موضوعن تي آرٽ پيش ڪيا ويا ان موقعي تي ڊي اي او ايجوڪيشن انيس الرحمن جلباڻي، ٽي اي او ميل زوار ارشاد ٻگهيو، ٽي اي او فيميل قلندر بخش سوهو، افروز ميراڻي، علي رضا جلباڻي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري تعلقي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گورنمينٽ اسڪول ۾ آرٽ سائنسي فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شاندار نموني ثقافتي، ماحوليات سميت مختلف موضوعن تي آرٽ پيش ڪري آيل مهمان کي بريفنگ ڏيندا رهيا.
چيو ته اهڙا فيسٽيول ٿيڻ سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ شاگردن کي سرڪاري اسڪول ۾ ملندڙ تعليم بابت به ماڻهن کي آگاهي ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو. هوڏانهن فيسٽيول ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم پڻ ڪئي وئي. هنن چيو ته خانگي اسڪول جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بهترين تعليم ملي رهي آهي.
نومبر 30, 2023